يوم علي عقيدت سان ملهايو ويو، ڪراچي ۾ حملي جو منصوبوناڪام

ڪراچي(نمائندن وٽان) اڄ مسلم دنيا ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جو ڏهاڙو ملهايو ويو، سيڪورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ڪراچي پوليس ڳجهي اطلاع تي لائنز ايريا ۾ ڇاپو هڻي خودڪش جيڪٽ هٿ ڪري ٻه درجن جي لڳ ڀڳ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ماتمي جلوسن تي حملي جو منصوبو ناڪام بنائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پڻ ان ڏينهن جي مناسبت سان ماتمي جلوس برآمد ٿيا ۽ سڄو ڏينهن  شديد ترين گرمي جي باوجود امام علي سائين جي عاشقن نٽهڻ اس جي پرواهه ڪرڻ بنا پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو. ڪراچي ۽ ڪوئٽا سميت مختلف شهرن ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي مڙهي وئي ۽ موبائيل فون سروس به صبح اٺين وڳي کان اڪثر علائقن ۾ بند رکي وئي. سنڌ جي حساس ترين علائقن ۾ امام بارگاهن وٽ سڪيورٽي سخت ڪندي پوليس سان گڏ رينجرز کي به گشت لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. هوڏانهن نوشهروفيروز ۾ وڪيلن يوم علي جي مناسبت سان عدالتن جي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.

سنتوش ڪمار موجب پنوعاقل ۾ ننڍا وڏا جلوس سڄو ڏينهن جاري رهيا ۽ سڀ مرڪزي جلوس ۾ گڏيا ۽ شام غريبان وٽ ختم ٿيا. سکر مان جئي رام داس موجب قريشي ڳوٺ کان نڪتل جلوس حيدري مسجد وٽ ختم ٿيو. عمرڪوٽ مان نمائندي مطابق مختلف علائقن کان جلوس گذرندي ماڪيٽ چوڪ وٽ نهر ٿيو. پوليس ۽ رينجرز نگراني ڪندي رهي ۽ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي سختي سان عمل ٿيو.

محرابپور مان اسلم نانگور ٻڌايو ته شهر جي مختلف پاڙن مان ماتمي جلوس برآمد ٿيا ۽ مرڪزي جلوس جاگير مهدي وٽ ختم ٿيو. جلوس م شامل عقيدتمندن لاءِ کاڌي ۽ ٿڌي پاڻي جو خاص انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾ مخير ماڻهن توڙي شراڪت دارن دل کولي حصو ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو