يوم الحاق پاڪستان، ڪشميرين سان هر سطح تي گڏ آهيون، خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت جي ظلمن خلاف جدوجهد ۾ ساڻن مڪمل ساٿ ڏينداسين. اهڙو اظهار هن يوم الحاق پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو آهي.ياد رهي ته  ته اڄوڪي ڏينهن تي ڪشميرين پاڪستان سان الحاق جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن جي ياد ۾ هر سال 19 جولاءِ تي يوم الحاق پاڪستان ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته اسان ڪشميرين جي حق خود اراديت جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جي عزم جي تجديد ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪشميرين جو حق خود اراديت گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل مڃيو آهي. ڪشميري هندوتوا نظريي واري ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻن قدمن جي خلاف جدوجهد جاري رهندي.هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميرين کي ڪاميابي ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو