يوم استحصال جلوس، ڪشميرين سان هر محاذ تي گڏ آهيون، صدر

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قبضي ۽ لڳايل ڪرفيو خلاف سڄي دنيا ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ  استحصال جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. دنيا جي تاريخ جو مسلسل ۽ ڊگهو ڪرفيو آهي جيڪو هڪ سال ٿي ڍڪو آهي. پاڪستان ۾ ان موقعي تي ننڍن وڏن شهرن ۾ جلسا جلوس ڪڍيا پيا وڃن ۽ مظاهرا به تي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ جلوس کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو آهي ته يوم استحصال ملهائڻ جو مقصد ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبصي تي دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ آهي، ڪشميري ڀائرن تي ڀارتي ظلم کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، ڪشميري ڀائر پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي حمايت ۾ جدوجهد جاري رکندو ۽ هڪ ڏينهن کين ضرور آزادي ملندي، اسلام آباد ۾ ريلي دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

Photo Twitter

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه قائداعظم جي مزار تي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ورهاڱي دوران طئي ٿيو هو ته جتي مسلمانن جي اڪثريت هوندي اتي پاڪستان هوندو، پر هندستان ان جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.ڪراچي ۾ يوم استحصال جي ريلي کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته ڪشمير لاءِ اسان سئو سال به وڙهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ مودي هڪ سال کان غير قانوني طور ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو، ڪشميرين ۽ اسان جو جيئڻ مرڻ گڏ آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ ڀارت جي ڏاڍ خلاف ۽ ڪشمرين سان اظهار يڪجهتي طور ٺهراءُ به پاس ڪنداسين. هڪ پاسي ڪشمير ۾ ڪرفيو هڻي ظلم ڪيو ويو آهي ۽ جڏهن دنيا ان خلاف احتجاج پئي ڪري ته ٻئي پاسي ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي اتر هندوستان جي رياست اتر پرديش جي شهر ايوڌيا ۾ تڪراري رام مندر جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکي هندوتوا کي خوش ڪرڻ ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو