يوسف خان کان دليپ ڪمار تائين جو سفر

سنڌيڪار جاويد سولنگي

ھندستان جي ورهاست کان پھريان ھاڻي واري پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخوا جي گادي وار شھر پشاور ۾ يوسف خان جي نالي سان جنم وٺندڙ  عظيم ھندستاني اداڪار  دليپ ڪمار 98 سالن جي عمر ۾ 7 جولاء تي پنھنجي چاھيندڙن کان ھميشه ھميشه لاءِ وڇڙي ويو۔  اڄ کان ٺيڪ اٺانوي سال پھريان، پشاور جي ھڪ وڏي خاندان ۾ سڪيلڌو ٻار پيدا ٿيو جنھن جو نالو يوسف خان رکيو ويو۔ غلام سرور خان فروٽ جو واپاري ھو۔ ھن کي 12 ٻار ھئا ۽  يوسف خان چوٿين نمبر تي پيدا ٿيو ھو۔ جڏھن يوسف خان صرف ڇھن سالن جو ھو، تڏھن ھن جو والد پوري خاندان کي وٺي ممبئي لڏي ويو۔ ان وقت تائين بر صغير جي ورهاست نه ٿي ھئي۔ پشاور کان لڏي ممبئي ۾ رھڻ کان پوء ھن اسڪول ۽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي۔ جنگ جي وقت ۾ والد جي ڪاروبار کي نقصان ٿيڻ کان پوءِ ھن ھڪ ٻه نوڪريون به ڪيون پر قسمت کي ڪجھ ٻيو ئي منظور ھو۔ ھڪ ڏينھن اچانڪ ھن جي ملاقات ان وقت جي مشھور اداڪاره ديويڪا راڻي سان ٿي جنھن يوسف کي اداڪار ٿيڻ جي پيشڪش ڪندي 500 روپيه شروعاتي پگھار سان گڏو گڏ ھر سال 200 روپيه واڌاري جو به يقين ڏيارو۔ 

Dilip Kumar Young, File Photo

ديويڪا جي خيال ۾ ھڪ عاشق مزاج ھيرو تي يوسف خان نالو نه ٿو ٺھي، تڏھن ھن يوسف خان کي ٽي نالا جھانگير، واسو ديو ۽ دليپ ڪمار تجويز ڪيا جن مان يوسف خان آخري نالي جي چونڊ ڪئي۔ يوسف جي خيال ۾ ھي نالو ان لحاظ کان به سٺو ھو ڇو ته اھڙي طرح سان ھن جي والد جي اڳيان ھن جي حقيقت به لڪل رھندي جيڪو ھو سينيما سان لاڳاپيل ھر ماڻھو کي ڊرامي باز سڏيندو ھو۔ ھڪ اتفاقي ملاقات يوسف جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي پر ان ملاقات سان گڏ ئي فلمي  دنيا ۾ اداڪاري جو طريقو به تبديل ٿي ويو۔ يوسف خان ٿيٽر جي انداز ۾ اداڪاري جي بدران عام زندگي ۾  ٿيندڙ ڳالھ ٻولھ جي طريقي کي اوليت ڏني۔ جنھن کان پوء ٻين اداڪارن به ان جي نقل ڪئي۔  يوسف خان 1944 کان 1997 جي دوران 53 سالن ۾ صرف 63 فلمن ۾ ڪم ڪيو ، ان دوران ھن جيڪي به ڪردار ادا ڪيا ۽ ھن ان  ڪردار ۾ پنھنجو پاڻ کي مڃرايو۔ فلم ڪوھ نور جي ھڪ منظر ۾ ستار وڄائڻو ھو ته ھن ان ڪردار ۾ حقيقت جو روپ ڏيڻ لاء خصوصي طور تي ھن ستار جي استاد کان سکيا ورتي۔ اھڙي ئي طرح فلم نيا دور ۾ ھن کي ٽانگو ھلائڻ جو ڪردار مليو ته ھن ان ڪم سان  ڳنڍيل ماڻھن جي زندگي ۽ ان جي ڪم جي انداز کي  سمجھڻ لاء خاص طور تي ان پيشي جي ماڻھن سان ڪجھ وقت گذاريو۔ ديو آنند ۽ راج ڪپور کي ڪڏھن ڪڏھن دليپ ڪمار جا ھم عصر اداڪار چيو ويندو آھي پر ھن حقيقت کان به ڪوئي انڪار نه ٿو ڪري سگھي ته ھن جھڙو ‘ورسٽائل ۽ ھر فن مولا’ اداڪار ڪوبه نه ھو۔ ھڪ وقت اھو به ھو جڏھن دليپ ڪمار ۽ مڌو بالا جي وچ ۾ عشق جو قصو به گردش ڪندو رھيو۔ دليپ ڪمار گنگا جمنا ۾ عوامي ڪردار ادا ڪيو جيڪا ھن جي پھرين بطور پروڊيوسر فلم به ھئي.

Dilip Kumar with his wife, File Photo

ٻئي پاسي وڏي آرام سان ھن  برصغير جي عظيم ڪردار فلم مغل اعظم   ۾ شھزاده سليم جو لازوال ڪردار ادا ڪيو، جتي ھڪ نوڪرياڻي جي پيار ۾ پاڳل شهزادو سليم، شھنشاھ وقت سان ٽڪر کائي ٿو ، ان فلم ۾ مڌو بالا به شاندار اداڪاري ڪئي ھئي۔ رومانوي ڪردار ھجن يا مزاحي، دليپ ڪمار جنھن ڪردار کي به ڪيو ان کي امر ڪري ڇڏيو۔ ھندستان شاندار ۽ بيمثال اداڪاري جي مڃتا طور ھن کي 1995 ۾ ھندستان جي سڀ کان وڏي ايوارڊ ‘دادا صاحب فالڪي ايوارڊ’ سان نوازيو۔ حڪومت پاڪستان به دليپ ڪمار کي سڀ کان وڏي سول اعزاز سان نوازيو، مرار جي ديسائي کان پوء دليپ ڪمار اهو اعزاز حاصل ڪرڻ وارو ٻيو ھندستاني ھو۔ jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو