يوريا ڀاڻ مهانگو، حڪومت ۽ ڪارخانيدارن سبسڊي ختم ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت هارين کي فائدو ڏيڻ بدران گذريل اٺن مهينن ۾ ٽيون دفعو يوريا ڀاڻ جي قيمت وڌائي ڇڏي آهي. ڀاڻ جي قيمت ۾ واڌ جا سبب گيس جي اگهن ۾ اضافو ، سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ ڊالر جي قيمت م واڌ ٻڌايا وڃن ٿا. تفصيل موجب 2016 ۾ يوريا ڀاڻ جي في ٻوري رقم 1790 روپيا هئي، پر  2016-17جي مالي سال ۾ حڪومت 390 روپيا في ٻوري سبسدي ڏئي في ٻوري جي رقم 1400 روپيا ڪئي وئي. مليل رعايت  واري 390 روپين جي رقم ۾جي ايس ٽي 184 روپيا ، سبسڊي  156 روپيا ۽ 50 روپيا ٻوري تي ڀاڻ پيدا ڪندڙ ڪارخانيدارن رضا ڪارانه ادا ڪئي. جڏهن ته مالي سال 2017-18 ۾ حڪومت سبسڊي جي رقم گهٽ ڪري 100 روپيا في ٻوري ڪري ڇڏي ۽ 56 روپيا في ٻوري واري سبسڊي جي بقايا رقم جو ٻوجهه به ڪارخانيدارن تي وجهي ڇڏيو ۽ ڪارخانيدارن کي مجموعي طور 106 روپيا في ٻوري تي رعايت ڏيڻي پوي پئي. مالي سال 2018-19 ۾ حڪومت ڏنل سبسڊي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏي، جي ايس ٽي پنج سيڪڙو مان گهٽ ڪري ٻه سيڪڙو ڪئي وئي جنهن جي ڪري يوريا ڀاڻ جي في ٻوري تي 61 روپيا وڌيڪ منفي اثر پيو ۽ ڪارخانيدارن کي في ٻوري تي 167 روپيا رعايت ڏيڻي پوي پئي، پر ڪارخانيدارن اهڙي صورتحال ۾ اگهه وڌائي ڇڏيا ۽ آبادگار  وري ڏچي ۾ اچي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو