يوريا ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف آبادگارن جو احتجاج

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ) ملڪاڻي شريف ۾ آبادگارن يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ سبب مظاهرو ڪيو. آباد گارن ميڊيا سان ڳالھا ئيندي  چيو ته ڀاڻ جي واپارين بدين جي انتظاميا ۽ زراعت کاتي سان ڳٺ جوڙ ڪري ڀاڻ جو ھٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي واپارين واڌو اگهه وٺي آبادگارن کي ٻنهي ھٿن سان ڦرڻ لڳا آهن ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽  زراعت کاتي جي نا اھلي جي سبب بدين توڙي بدين جي ننڍي شھرن ۾ يوريا ڀاڻ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي آبادگارن يوريا جي ڳولا ۾ دربدر پيا ٿين ڀاڻ بليڪ ۾ وڪامجي  پيو رات جي پيٽ ۾ سيٺين جي گودامن مان ٽرڪون ڀرجي ٻين ضلعن ڏانهن روانو  ٿين ٿيون پر بدين جي آبادگارن کي زراعت کاتو ۽ ڊي سي بدين  ۽ ڀاڻ جي واپارين يوريا نه ڏيڻ جو قسم کڻي ڇڏيو آهي  ھڪڙو بدين ضلعي ۾  پاڻي جي ھٿرداو کوٽ ٻي پاسي يوريا ڀاڻ سرڪاري ريٽ تي آبادگارن کي نه ملڻ جي ڪري آبادگار پريشان بڻيل آهن آبادگارن سنڌ ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کان سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ جو فوري  نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو