وڳڻ ۾ 10 جريب ڪڻڪ۽ ڊگهڙي ۾ واڙو سڙي ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) وڳڻ ۾ ڪڻڪ جي 10 جريبن جي تيار فصل کي باهه لڳي وئي جڏهن ته ڊگهڙي ۾ مال جي واڙي کي باهه جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ ٻه مينهون سڙي ويون. وڳڻ مان علي مصطفىٰ بروهي موجب ڳوٺ بروهي ڀرسان آبادگار قربان بروهي جي 6 جريب ڪڻڪ جو فصل باهه سبب سڙي ويو. جڏهن ته سليم کٽياڻ جي ڇهن جريب مان چار جريب ڪڻڪ جو فصل سڙي رک ٿي ويو .متاثرآبادگارن صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمن ناهي ظالمن اسان سان وڏو ظلم ڪيو ، اسان لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي ، هنن اعلىٰ اختيارين  ڊي سي قمبر ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي.***ڊگهڙي مان سيد نويد شاهه موجب ڳوٺ حاجي غلام محمد مھر جي رهائشي جاويد آرائين جي چوپائي مال جي واڙي ۾ اوچتو باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه مينھون سڙي زخمي ٿي پيون جڏهن تي باھ تي ڳوٺاڻن ضابطو آندو باھ لڳڻ وقت واڙي جو مالڪ چوپائي مال جي چاري لاء ٻني تي ويل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو