وڪيل تي قاتلاڻي حملي خلاف احتجاج، ضلعي عدالتن جو بائيڪاٽ

نوشهروفيروز (ڊ ر) ايڊووڪيٽ صابر علي سمون تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ضلع بار ايسوسيئيشن پاران ضلعي جي مڙني ماتحت عدالتن محرابپور، مورو، ڪنڊيارو ۽ ڀريا جي عدالتن جو ڪاروهنوار جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪاروھنوار بند ھجڻ سبب تاريخن تي ايندڙ ماڻھو پريشاني جو شڪار رھيا. ان موقعي تي ضلع بار جي صدر عبدالرحيم عباسي، امتياز حسين ميمڻ، محرابپور بار جي صدر لطف الله سيال، مورو بار جي صدر محمد امين خاصخيلي، قادر بخش ڪورائي، ڀريا بار جي  صدر غلام رسول، ڪنڊيارو بار جي صدر خميسو خان رند چيو ته ايڊووڪيٽ صابر علي سمون تي قاتلاڻي حملي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ ناانصافي آھي پوليس جوابدارن جي گرفتاري ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رھي آھي. هنن چيو ته قانون جي رکوالن تي حملو بزدلاڻي حرڪت آھي وڪيل ته فيس وٺي ڪيس وڙھندو آھي ان جي ڪنهن سان به ڪا ذاتي دشمني ناهي ھوندي. هنن چيو ته  فوري طور وڪيل تي قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن قانون جي پاسداري ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو