احتجاج ڪامياب، مقامي ماڻهن کان ٽول ٽيڪس نو ورتوويندو

سکر(بيورو رپورٽ) ٽول پلازه جي عملي ۽ وڪيلن وچ ۾ جهيڙي وارو معاملي خلاف سکر جي وڪيل برادري پاران سنڌهاءڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن جي ڪاررواين جو احتجاجن بائيڪاٽ ڪيو ويو. وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو چيو ته ٽول پلازه عملو وڪيلن سان بداخلاقي ۽ تشدد ڪري ناانصافي ڪئي آهي. وڪيلن تي تشدد ڪرڻ ۾ جيڪي جوابدار ملوث آهن انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. هڪ ڏينهن اڳ سکر ٽول پلازه عملي ۽ وڪيلن وچ ۾ ٽئڪس وٺڻ دوران جهيڙو ٿيو هو  جنهن ۾ 8 وڪيل ۽ 3 ٽول پلازا جا ملازم زخمي ٿيا هئا. واقعي جو ٽول پلازه عملي خلاف اي ٽي سي تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. نثار کهڙو عدالت ۾ حاضري لاءِ آيو پر کيس وڪيلن موٽائي ڇڏيو. گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهرو فيروز ۾ به وڪيلن احتجاج ڪيو.ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيل برادري جو سکر ٽول پلازه تي پيش آيل واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

Kandh Kot Lawyers protest

سنڌ بار جي ميمبر عبدالغني بجاراڻي. صدر ڊسٽرڪٽ بار سيد سڪندر علي شاه.جنرل سيڪريٽري محسن خان پٺاڻ.عاشق الاهي سندراڻي. آفتاب احمد چنه.احمد رضا سندراڻي.غلام محمد کوسو.قربان علي منگي.زاهد شاه،ڌرياءَ خان بنگوار،مير محمد سندراڻي.اعجاز احمد بنگوار.محمد نواز بنگوار.خالد حسين جکراڻي.در محمد سبزوئي.سعيد احمد بنگوار.اشفاق احمد سومرو.خميسو خان ڏاهاڻي.امتياز احمد اوڳاهي.اسد سبزوئي.حسين سبزوئي.شعيب سهرياڻي سميت وڏي انگ ۾ وڪلا برادري احتجاجي مظاهرو ڪندي سکر ٽول پلازه انتظاميا خلاف شديد نعري بازي ڪئي. هنن چيو ته داداگير سکر ٽول عملي خلاف ڪيس داخل ڪري سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.سکروڪيلن جي هڙتال بعد  ٽول پلازه عملي ۽ وڪيل برادري وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو جو چوڻ آهي ته ٽول پلازه انتظاميه پنهنجي حرڪت تي معافي ورتي آهي. هن ٻڌايو ته اڳتي مقامي ماڻهن کان ٽيڪس نه وٺڻ ۽ بد تميزي ڪندڙ عملي کي سکر مان هٽائڻ جي انتظاميه خاطري ڪرائي آهي. وڪيل اڳواڻ جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون، ٽول پلازه انتظاميه، وڪيل علي گل عباسي، علي رضا بلو چ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو