وڏي وزير پاران 13 وزيرن، 5 مشيرن ۽ 15 خاص مددگارن جا کاتا تبديل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نثار کهڙو، هريرام ڪشوري لال، سهيل انور سيال ۽ فراز ڏيرو کي فارغ ڪندي سنڌ ڪابينا جي 13 وزيرن، 5 صلاحڪارن ۽ 15 خاص مددگارن جي کاتن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي. محمد اسماعيل راهو يونيورسٽي بورڊ، ماهوليات، موسمي تبديلي، ڪوسٽل ڊيولپمينٽ، شبير علي بجاراڻي معدنيان ۽ کاڻيون، مخدوم محبوب الزمان روينيو، سردار علي شاهه سياحت ثقافت، آرڪائيو ۽ تعليم، مڪيش ڪمار چاولا ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ۽ خوراڪ، محمد تيمور ٽالپر ٻيلو کاتو، سيد ناصر شاهه مڪاني ادارا، هائوس ۽ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ڄام اڪراقم الله ڌاريجو صنعت، تجارت ۽ ڪوآپريشن، محمد ساجد جوکيو سوشل ويلفيئر، گيانو مل عرف گيانچند ايسراڻي اقليتي معاملا، سيد ضيا عباس شاهه ورڪس ۽ سروسز ۽ ڄام خان شورو آبپاشي شامل آهن. 5 مشيرن مان مرتضيٰ وهاب قانون ۽ انصاف ۽ سنڌ جو ترجمان، اعجاز جکراڻي جيل، منظور وسان زراعت، زڪوات عشر مذهبي معاملا ۽ رسول بخش چانڊيو بحالي ۽ رليف شامل آهن.

Screen shot courtesy Time News

جڏهن ته وڏي وزير پنهنجي 15 خاص معاونن جا کاتا به تبديل ڪري ڇڏيا آهن، نئين سر ڏنل کاتن جو تفصيل هن طرح آهي. وقار مهدي سياسي معاملا، قاسم نويد قمر سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، بنگل مهر جهنگلي جيوت ۽ اينٽي ڪرپشن، تنزيلا ام حبيبه انفرميشن ٽيڪنالاجي، ارباب لطف الله رانديون، لياقت علي آسڪاڻي  ڪچي آبادي ۽ هيومن سيٽلمينٽ، سريندر ولاسائي  انساني حق، صادق علي ميمڻ  معذورن جا مامرا، پارس ڏيرو  نوجوانن جا معاملا، علي احمد جان ڪراچي اولهه ضلعي جا معاملا، محمد آصف خان  ڪياماڙي ضلعي جا معاملا، سلمان عبدالله مراد ملير ضلعي جا معاملا، اقبال ساند ڪراچي اوڀر ضلعي جا مامرا، صغير قريشي حيدرآباد ۽ ارسلان اسلام شيخ سکر شهر جا معاملا شامل آهن. نثار ڪهڙو ۽ سهيل انور سيال کي فارغ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو