وڏي وزير جو برسات سٽيل علائقن جو دور، جهڏو ۾ خيمه بستي قائم

نئون ڪوٽ (پيار علي نهڙيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته نئون ڪوٽ ۽ جهڏو کي ٻڏڻ کان بچايون، ايل بي او ڊي کي ڪٽ ڏيڻ سان اتان جا رهواسي متاثر ٿيندا. اسان ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ جهڏو ۾  خيما بستي قائم ڪئي آھي اتي کين رهائشن ۽ کاڌو ملندو. اهڙو اظهار هن برسات سبب متاثر علائقن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته روڊ جي ڪنارن تي ويٺل ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي ويندي ۽ مون چونڊيل نمائندن ۽ آبپاشي عملدارن کي هدايت ڪئي آھي ته هو ڪوتاهيون دور ڪن ماڻهن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪن. ان موقعي تي مقامي ماڻهن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته اسان کي قدرتي لنگهه ڍورو ۽ سم نالي جو وهڪرو الڳ ڪرائي ڏيو. جنهن تي وڏي وزير چيو ته هينئر اسان ٻوڏ متاثرن ۾ خيما ۽ راشن ڏئي سندن فوري پريشانيون حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون پيا ٻوڏ بعد هن مسئلي کي حل ڪنداسون. ان کان اڳ وڏي وزير ٽنڊو جان محمد پهتو جتي سم نالي جي متاثرن مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. نئون ڪوٽ ۾ وڏي وزير جي دوري دوران سيڪيورٽي جي نالي تي رستا بند ٿيڻ خلاف متاثرن ۽ مسافرن طرفان مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري، متاثر چيو آهي ته وڏو وزير ڀلي دوري تي اچي، پر رستا بند ڪري کين ڇو روڪيو ويو آهي، هڪ پاسي گهارن ڪيترن ئي ڳوٺن ٻوڙي ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي لڏپلاڻ ڪندڙ مسافرن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ تي بيهاري انتظاميا سندن اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو