وڏي ماکي جي حملي ۾ پيرسن فوت ٿي ويو

ڪڍڻ(ن سنڌيار) ڳوٺ محمد هارون نوتيار ۾ وڏي ماکي جي مکين جي حملي سبب ڳوٺ پيرسن ڳوٺاڻو  محمد صديق نوتيار ڏنگ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو. وڏي ماکي جنهن کي پنجاب واري ماکي به سڏين ٿا تنهن جي ڏنگن سبب هو بيهوش ٿي ويو. ماکي ڪافي کجايل هئي، وارث کيس ڊاڪٽر وٽ کڻي آيا ڊاڪٽر چيو ته هو فوت ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو