وڏيري جي ڪتن همراه جو نازڪ عضوو چڪي وڌو

فيض گنج (وسيم سولنگي) ٻن ڌار ڌار پيش آيل وقعن مان هڪ ۾ وڏيري جي پالتو ڪتن واٽهڙو حب علي راڄپر تي حملو ڪري سندس نازڪ عضوي ۾ چڪ هڻي زخمي ڪري وڌو، جڏهن ته روڊ حادثي ۾ ڪيلن جو واپاري ارشاد سهاڳ فوت ٿي ويو. تفصيل موجب فيض گنج لڳ ڳوٺ بصيرو ۾ ڪتن حملو ڪري حب علي راڄپر کي نازڪ عضوي ۾ چڪ هڻي ڏاڙهي وڌو، همراهه کي  فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ڪتن جي بچاء واري وئڪيسن نه ملڻ ڪري زخمي جي حالت خراب ٿي وئي. زخمي حب علي سنڌ يار اخبارکي ٻڌايو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري هميرراڄپر جا ڪتا پاليل آهن جن موتي حملو ڪري زخمي ڪيو آهي. نازڪ عّوي سميت جسم تي چڪن ۽ ننهنڊن جا نشان آهن. ڊاڪٽر چون ٿا نوابشاهه وڃ. هن گهر ڪئي ته ڪتن جي مالڪ وڏيري کي گرفتار ڪيو وڃي.

هوڏانهن پڪا چانگ باء پاس گورچاڻي پيٽرول پمپ وٽ نامعلوم گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب پڪا چانگ واسي ڪيلن جو واپاري ارشاد سهاڳ شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي رورول هليٿ سينٽر پڪا چانگ داخل ڪيو ويو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي  فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش جڏهن محسن آباد سندس گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو