وڏيري تشدد ڪيو، پوليس ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ڪڍيو،انصاف ڪريو

ڪنڌڪوٽ( غالب بلوچ) ڳوٺ ھيبت شھيد تنگواڻي جي رھواسيڻ مسمات شرناز خاتون ميڊيا سامھون داھيندي چيوته وڏيري رياست علي ۽ مسڪان ڏاھاڻي جو چؤپايومال مھنجي سارين جي فصل ۾ داخل ٿيو جنھنکي ٻاھرڪڍڻ تي وڏيري ۽انھن جي  عزيزن پاران مون تي بي رحمانه تشددڪري زخمي ڪيو ويو جنھن بعد انصاف لاءِ تنگواڻي ٿاڻي پھتم پر ٿاڻي وارن به کين وڏيري جي وانگار وھندي ڌڪا ڏيئي ٻاھرڪڍي ڇڏيو. زخمي عورت وڌيڪ ٻڌايو ته تشددڪرڻ ڪري منھنجو ٻار ضايع ٿيڻ جو انديشو آھي ۽ تنگواڻي پوليس مان مونکي ڪنھن به قسم جي انصاف جي اميد نه آھي۽ منھنجي زندگي کي به خطرو آھي جوابدار طاقتور آھن ۔ھن آئي۔جي سنڌ ۽ ڊي۔آئي۔جي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪندي چيوته مونسان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو