وڏيرن پاران زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، انصاف جي اپيل

عمرڪوٽ (رپورٽ مشتاق مهر) ڳوٺ پاندي چاچڙ جي رھواسين بيواھ مسمات الھبچائي ۽ سندس پٽن الله ڏنو، ذاڪر علي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. هنن الزام لڳائيندي چيو ته سندن ڳوٺ ۾ مقامي بااثر وڏيرن سومار چاچڙ، فيض علي، علي حسن، نواب چاچڙ ۽ ٻين اسان جي اباڻي زرعي زمين تي قبضو ڪري لوڙھا ڏيئي ڇڏيا آھن، جنھن بابت اسان حد جي ٿاڻي تي پڻ دانھن ڏني پر پوليس ڪوبه فرياد وٺڻ لاء تيار ناھي. هنن چيو ته تپيدار راڻو رتن سنگھ اسان کي چوي ٿو ته اوھان ضلعي ڪائونسل جي وائس چيئرمين حاجي بقا پلي وٽ وڃو اُھو اوھان جو فيصلو ڪندو. زرعي زمين اسان جي آھي پر ڏاڍ مڙسي ڪري سڀ ھڪ ٿيو ويٺا آھن، جيڪا وڏي زيادتي آھي. اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو