وڏيرن جي ڌمڪيون، ڪيس جو شاهد دوري سبب فوت

ٽنڊومستي(رپورٽ نادر علي اڄڻ)ٽنڊومستي لڳ ڳوٺ دلاور اڄڻ ۾ 6 ڏينهن اڳ وحشي درندن هٿان جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل 13 ورهين جي معصوم راشد اڄڻ جي قتل ڪيس جو شاهد محمد مٺل اڄڻ صدمي ۾ فوت مقتول نينگر راشد اڄڻ جي وارثن جو چوڻ آھي ته مٺل اڄڻ سندن نينگر جي قتل واري ڪيس ۾ شاهد هيو جوابدارن پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء کيس مسلسل ڌمڪيون ڏيندا رهيا، جنهن خلاف اسان انصاف لاء ايس ايس پي خيرپور آفيس آڏو ڌرڻو به هنيو ته بااثرن سياسي ماڻھن ۽ تر جي وڏيرن پاران راڄوڻي لاء دٻاءُ وڌو ويو، کهڙا ٿاڻي تي معصوم راشد اڄڻ قتل ڪيس داخل ڪندڙ ايس ايڇ او کي پڻ بدلي ڪرايو ويو آھي ڪيس جو شاهد مٺل اڄڻ جوابدارن جي ڌمڪين ۽ حراس سبب رات دير سان کيس دل جو اٽيڪ ٿي پيو جيڪو گمس اسپتال ۾ صدمي ۾ فوت ٿي ويو آھي ڳوٺاڻن مومن علي ، مولابخش شير محمد اڄڻ آء جي سنڌ  کان مطالبو ڪندي چيو ته نينگر راشد اڄڻ جي قاتلن مٿان مٺل اڄڻ جي قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو