وڏيرن جي ظلم خلاف عومي مزاحمت جو هٿيار

ليکڪ : شاھ محمد لغاري

شهيد ناظم جوکيو جنهن باربار قاتل کي چيو ته منهنجي ننڍڙي نياڻي مون کان سوا ننڊ ناهي ڪندي ماريو به اٿو اڄ رات ڇڏيو صبح جو پيش پوندس پوءِ جيڪو توهان فيصلو ڪيو هي، جملا اندر کي کائي ٿا ڇڏين شهيد ناظم جوکيو جو ايڏو وڏو ڏوھ نه هو جيتري هن کي سزا ڏني وئي شهيد ناظم جوکيو جو ناحق قتل هر شعور رکندڙ انسان جي ضمير کي جهنجهوڙي ٿو، شهيد ناظم جوکيو مٿان تشدد ڏسي فرعون جو واقعو ياد اچي ويو ته فرعون هڪ عورت کي ان جي معصوم ٻارڙن سوڌو پنهنجي درٻار مطلب پنهنجي اوطاق ۾ گهرائي چيو ته مونکي خدا ڪري مڃ نه ته توکي ۽ تنهنجي ننڍڙين کي اٻرندڙ ڪڙھائي جي تيل ۾ وجهي ڇڏيندس ان عورت جي انڪار کان بعد فرعون کير پيئندڙ معصوم ننڍڙي سميت سڀني کي ڪڙھائي ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ هو تڙپنديون رهيون شهيد ناظم جوکيو کي جيڪڏهن گولي لڳل هجي ها پوءِ سمجهون ها ته بنا تڪليف جي ناظم جوکيو کي ماريو ويو پر شهيد ناظم جوکيو مٿان سڄي رات تشدد ڪري تڙپائي تڙپائي ماريو ويو وڏيري جو ناظم جوکيو مٿان وحشياڻو تشدد فرعون جي عڪاسي ڪري ٿو ته هي سنڌ جا وڏيرا فرعون کان گهٽ ناهن ۽ هي ظالم وڏيرا ڪنهن جا به ناهن انهن جي تاريخ لکيل آهي ته قاتل هئا قاتل آهن ۽ قاتل رهندا قاتل قاتل هوندو آهي کڻي ڪهڙي به جماعت سان واسطو رکندڙ هجي پر افسوس عوام کي اڃان تائين پنهنجي طاقت جي خبر ناهي شهيد ناظم جوکيو جي قاتل وڏيري کي 24 ڪلاڪن اندر هٿڪڙيون لڳي ويون اهو عوام پاران روڊن تي نڪرڻ آواز بلند ڪرڻ مهاڏو اٽڪائڻ جو نتيجو آهي جيڪڏهن عوام آواز نه اٿاري ها ته شايد ناظم جوکيو جي وارثن سان ڪڏهن به انصاف نه ٿئي ها انهن وڏيرن الائي ڪيترا غريب کڀي گم ڪرائي ڇڏيا مارائي ڇڏيا جيڪي سوشل ميڊيا تي ظاهر نه ٿيڻ سبب اڄ تائين انهن جا لاش نه ملي سگهيا جنهن ڏينهن ناظم جوکيو کي شهيد ڪيو ويو ان ئي ڏينهن تي سنڌ جو ٻيو وڏيرو جنهن نياڻين مٿان گوليون وسايون قمبر ضلعي جي ميروخان واري صوبائي تڪ تان چونڊيل ايم پي اي گهنور اسراڻ جنهن خيرپور جوسو ۾ هٿياربند ساڻُ ڪري پوليس جي موجودگيءَ ۾ سيال برادري سان لاڳاپيل ڌر مٿان حملو ڪيو فائرنگ ڪئي عورتون قرآن پاڪ کڻي نڪري آيون پر وڏيري توڙي ڇاڙتن کي ڪو به احساس نه ٿيو پوء به  فائرينگ ڪندا رهيا فهميده سيال جي سيني تي قرآن پاڪ هيو گوليون قرآن پاڪ کان ڪراس ڪري فهميده سيال نالي عورت کي لڳيون جنهن سبب سنڌ ڄائي فهميده سيال فوت ٿي وئي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا ٻڌايو پيو وڃي تہ گهنور اسراڻ برطانيا مان تعليم پرائي آھي پر سنڌ جي وڏيرڪي غليظ سوچ کي برطانيا جا درسگاھ به سُڌاري نه سگهيا گهنور اسراڻ کي پ پ چيئرمين جو دوست به چيو ويندو آھي جنهن کي بنا پارٽي ۾ شموليت ۽ ڪارڪردگي جي چيئرمين خصوصي طور ٽڪيٽ ڏني هئي جيڪڏھن ملڪ ۾ ٽڪو پئسو عدل انصاف آھي ته هن نسوري ناحق تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين سميت عدالتن کي نوٽيس ضرور وٺڻ گهرجي ۽ پارٽي قيادت کي گهرجي ته اهڙن ظالم وڏيرن نڪ ۾ نيل هنيو وڃي ته جئين ڪنهن غريب مٿان ظلم ڪن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ هر مهيني اهڙا ڪئي واقعا پيش اچن ٿا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ظالم وڏيرن ظلم جي بازار گرم ڪري رکي آهي ڪٿي ڪنهن غريب مٿان تشدد ڪنهن جي زمينن تي قبضا پلاٽن تي قبضا ڪرايا وڃن ٿا ڪنهن جي ۾ ڌاڙو ڦرون چوريون ڪيون وڃن ٿيون انهن ڏوهارين کي به وڏيرن ڀوتارن جي پُٺ ڀرائي رهي آهي ۽ اسان جي خاموشي جي ڪري مٿن ظلم ڪيا وڃن ٿا ڇو ته ظالم اهو ناهي جيڪو ظلم ڪري ٿو بلڪ ظالم اهو آهي جيڪو ظلم کي ڏسي خاموش ٿي وڃي ۽ آواز بلند ڪرڻ کان ڊڄي وڃي ان کان وڌيڪ ٻيو ظالم نه ٿيندو ڇو ته  ظالم سان مهاڏو اٽڪائڻ وارن کي دنيان صدين تائين ياد ڪندي آهي ۽ ظالم جو نالو نشان ناهي رهندو حضرت حسين رضي الله جو فرمان آهي ظلم خلاف جيترو دير سان اٿندو اوتري وڌيڪ قرباني ڏيڻي پوندي آهي سنڌ ۾ 250 وڏيرا 7 ڪروڙ عوام کي يرغمال بڻايون ويٺا آهن پوءِ به عوام خاموش آهي ان کان وڌيڪ ٻيو ظالم ڪهڙو ٿيندو جيڪو ظلم تي خاموش رهي ۽ آواز نه اٿاري اسان کي اسلام به اهيو درس ڏنو آهي ته ظلم جي سامهون مهاڏو اٽڪائڻ جهاد آهي هي وقت اسان کان گڏيل شعور ۽ عمل جي تقاضا ڪري رهيو آھي. ۽ سنڌ جي هر ساڃاھ وند جي مٿان اهيا ذميواري عائد ٿئي ٿي ته ھو قوم جي اندر گڏيل شعور ۽ گڏيل مفادن جي سمجھ پيدا ڪرڻ جي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن باقي اھڙو قانون اهڙي رياست جتي انصاف جا ٻٽا معيار هجن. ظالم، جتي جابر قوتن ۽ مظلومن لاء انصاف جي جدا جدا وصف هجي. اهڙي رياست ۽ ان جي ادارن کان انصاف جي توقع رکڻ فضول آھي ملڪ ۾ ڀلي ڪهڙي به جماعت جي حڪومت اچي انهي مان چڱائي جي اميد رکڻ اجايو آهي هاڻي وڏيري ڀوتاري سرداري نظام جو مڪمل خاتمو ڪرڻو پوندو انهن جو بائڪاٽ ڪرڻو پوندو نه ته اسان جي خاموشي جي سزا پويان نسل لاء وڏو خطرناڪ ثابت ٿيندي انهن ظالمن سان مهاڏو اٽڪائي ڳالهائڻو پوندو ته اسان توھان جا ناھيون ۽ نه ئي توھان اسان جا ٿي سگهو ٿا غريبن تي سياست ئي ڪري سگهو ٿا اهڙن ظالم وڏيرن جي سهولتڪار حڪمرانن سان مزاحمت ڪرڻي پوندي بس نٿي گهرجي غريبن کي توهان جي ڪائي ترقي نٿيون گهرجن بنيادي سهولتون نٿا گهرجن روڊ رستا صحت تعليم روزگار، جيڪي جيئرا رهندا سي  پنهنجي لاء سهوليتون پيا پاڻ پيدا ڪندا رهندا پنهنجي جمهوريت ۽ پاليل قاتلن کي بس قابو ڪريو ۽ سنڌ ۾ رهندڙ غريبن کي امن سان رهڻ ڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو