وڏيرن جا بنگلا به ڊاهيو، رڳو غريب ڀيلن جا گهر ڇو، احتجاج جاري

اسلام ڪوٽ (رپورٽ پرڪاش ڪمار ۽ تصوير صادق بجير) ڳوٺ ملھو ڀيل جي رھواسين جا فاريسٽ ڊپارٽمينٽ پاران 100 کان وڌيڪ گھر ڊاھڻ خلاف ڀيل انتلڪچوئل فورم يعني بي آء ايف جي سڄي سنڌ ۾ احتجاج واري سڏ کان پوء بي آء ايف جي تعلقي صدر لجپت ڀيل ۽ متاثرن سکو ڀيل وشن ڀيل صابو ڀيل ڏيوجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسلام ڪوٽ ميڊيا سينٽر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي صحافين سان ڳالھائيندي بي آء ايف تعلقي اسلام ڪوٽ جي صدر لجپت ڀيل جو چوڻ ھو ته فاريسٽ ڊپارٽمينٽ کي سندس زمين تي ٺھيل وڏيرن جا بنگلا نظر نٿا اچن اسلام ڪوٽ شھر ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضا ڪري وڏيرن بنگلا ٺاھي ڇڏيا آھن اھي نظر نٿا اچن ٻٽو نظام برقرار رکندي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ مقامي وڏيري ولي موسيپوٽو جي چوڻ تي ڳوٺ ملھو ڀيل جيڪو ملڪ ٺھڻ کان اڳ آباد آھي ان کي ٽارگيٽ ڪري غريبن جا گھر ڊاھي بي گھر ڪيا ويا آھن لکين روپين جو نقصان سنڌ گورنمينٽ کي ادا ڪرڻو پوندو ۽ ريسٽلمينٽ پاليسي واضح ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ ھي احتجاج ھڪ چڻنگ آھي جيڪا اڳتي ھلي تحريڪ کي جنم ڏيندي

پهنجو تبصرو موڪليو