وڌندڙ ڪرپشن ۽ جعلسازي، نيب ۽ ايف آء اي جو ڪردار

ليکڪ  سيد زوار حسين شاهه

جيڪڏهن مان شروعات بسم الله الرحمان رحيم کان ڪيان ته بهتر آهي اهو ان ڪري جو هي جيڪو مان  ڪالم لکي رهيو آهيان ، هي منهنجي نظر ۾ عبادت کان گهٽ ناهي ، جنهن ملڪ کي نقصان پهچايو هجي جنهن  عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو هجي ، انهن کي جيڪڏهن مان هڪ سماجي رهنما هئڻ سان گڏ سماج سڌارڪ طور هر عام ماڻهون تي ڪڙي نظر رکي ان جي فلاح بهبود لاء پيو لکان جيئن گهٽ ۾ گهٽ  رياست پاڪستان ۾ ان عام ماڻهون جا مسئلا به حل ٿين ته بنيادي حق به انهن کي ملن پر جيڪو به مان سمجهان ٿو ته هن پاڪستان ۾ في الحال ته مشڪل پيو ڏسان جيڪڏهن مان ماضي جي حڪومتن جن سدائين هڪ ڳالهه ڪئي آهي ته عوام ووٽ ڏنو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿياسين پوء ملڪ مٿان حڪومت ڪئي ، پر مان اتي به سوال ڪندس ته  عوام جي خدمت نه ٿي سگهي ، پر جنهن کي به خدمت جو موقعو مليو ان عوام کي لٽيو ، ادارن م مداخلت ويتر تباهه ڪيو ،  جنهن ۾ جيڪڏهن مان اڃ صرف  لوڪل گورنمينٽ تي نظر وجهندس ته ان ۾ ڪارپوريشنز ، ميونسپل ، ٽائون ڪاميٽيز يونين ڪائونسلز جي ڳالهه ڪندس في الحال مان ضرف ضلعي خيرپور جي سياسي طاقت رکندڙ تعلقي سوڀوديرو جي ٽن ٽائون ڪاميٽيز جي ڳالهه ڪندس  جنهن م سوڀوديرو ، راڻيپور ، هنگورجه صرف فهرست آهن جڏهن ته ڪيتريون ئي يونين ڪائونسلز به آهن ، جيڪڏهن مان  ماضي ۾ سياستدانن ، ڪامورن آفيسرن ڀوتارن جي ڳالهه ڪيان ته توهان کي تعجب ٿيندو ته تعلقي سوڀوديرو جي جيئن لٽ مار ٿي آهي شايد ٻين تعلقن ۾ ٿي هجي ، ان جا سبب ڪهڙا آهن ان تي به ڳالهه ٻول ٿيندي عوام تائين خاص رسائي پهچائڻ چاهيان ٿو ، تعلقي جي بجيٽ  جيڪا ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي ، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽيز ۾ هن وقت تائين منهنجي نظر ۾ سوين ملازم ڀرتي ڪيا ويا آهن جڏهن ته جيڪڏهن ٽائون ڪاميٽيز جي آفيسز تي نظر وجهنداسين ته شرم ايندو اهو ان ڪري جو  ڪجهه ته ٽائون آفيس اندر راڻيپور ڪميونٽي هال جون ڪرسيون نظر اينديون ڪجهه وقت اڳ ته ٽائون جي آفيسر جي باٿ روم کي سنڌي رلهي لڳل هئي ، راڻيپور جي آفيسر جي ڳالهه ڪيان ته ان م هن وقت 134 ملازم نظر پيا اچن پر اهو به ٿي سهي ٿو ته اڃان هجن جن کي ظاهر نه ڪيو ويو هجي ،  ڪيترن ئي ملازمن کي  فرتي ته ڪيو ويو پوء ڪو پنجين  گريڊ ۾ هو ته ڪو چهين ، ستين گريڊ ۾ هو ، هن وقت ڪيترائي ملازم 11 ، 12 ، 14. 16 ۾ به ڪم ڪندا هوندا جن جي جيڪڏهن صرف پگهارن تي نظر وجهنداسين ته خبر پوندي ته گهٽ ۾ گهٽ 52 لکن کان وڌيڪ آهي ، جڏهن ته 2012 ۾ اسسٽنت ڪمشنر احسان جمالي جيڪو راڻيپور جو ايڊمنسٽريٽر پڻ هو ان 34 جي لک ڀڳ ملازمن ڀرتي بابت ڪاغزات چيڪ ڪيا  ڪيترن ئي اصلي ڪاغذ ڏيکارڻ م ناڪام ٿيا  نيٺ انهن کي گهر ڀيرو ڪيو ويو هو وري سياسي اڳواڻن  انهن کي نوڪري جاري رکڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته باخبر ذريئعن اهو به ٻڌايو هو ته انهن ملازمن کي وري نوڪري تي بحال ڪرڻ لاء به لکين روپيا وصول ڪيا جڏهن ته ڪيترائي وري جعلي آرڊر به نڪتا  جن جو به انڪشاف پڻ ٿيو آهي ، با خبر ذريئعن اهو به ٻڌايو ته  ڪيترن ئي ملازمن کي هٿ سان  جعلي صحيحون ڪري نوڪري ته ڏني وئي پر انهن کي عجيب غريب پروموشن ڏنا ويا تان جو انهن کان هن وقت ڪنهن پڇيو به انهي ۽ ائين لکين رويپا جعلي ملازمن جي ڀرتي تي  ڏنا وڃن ٿا ، جڏهن ته تعجب جي ڳالهه آهي ته رياست پاڪستان جنهن ۾ اسان اها ميد رکي سگهون ٿا ته عوام جا مسئلا ٻه حل ٿينداته بنيادي حق به ملندا بنيادي مسئلا به حڪومت ان جا نمائينده حل ڪندا پر شايد اسان جي بدنصيبي آهي ، جو مسئلا ته حل نه ٿيا پر ڪرپشن ڪندڙن عوام جو رت چوسي ڦٽو ڪيو آهي ، مجموعي طرح سان ڳالهه ڪندس ته اهو حشر ئي سوڀوديرو ٽائون سان به آهي جتي پڻ  سوڀوديرو جون سماجي تنظميون پنهنجن حقن جي حاصلات لاء  ميجر رٽائرڊ تصور علي جهانيان پروفيسر روشن علي خاصخيلي ، شاهنواز سومرو ، آفتاب خاصخيلي ، ٻين نوجوانن بهادري جو مظاهرو ڪندي سوڀوديرو سان  منسلڪ ڪيترائي مسئلا حل ڪري ورتا آهن جڏهن ته هن وقت تائين سوڀوديرو سان درپيش مسئلا تي ڪافي اڳڀرا آهن جڏهن ته ٿيل ڪرپشن تي به ڪنهن صورت ۾ به هو ڪو معاهدو نه ڪيو آهي نه ڪڏهن ڪندا ، با ضمير ڪڏهن به چنڊ ڏوڪڙن جي چمڪ تي ڪو سودو نه ڪندا ، جڏهن ته نيب ، سميت انهن ادارن جيڪي ڪرپشن جي خاتمي لاء ڪم ڪن پيا درخواستون پڻ  لکيون ۽ رجسٽرڊ پڻ ڪيون آهن جن و به ڪو خاص جواب ناهي مليو پر اميد ضرور آهي ته تعلقي سوڀوديرو اندر عوام سان ٿيل ويسا گهاتين تي نوٽيس ٿيندو ۽ لٽيل دولت پن واپس ٿيندي ، جڏهن ته ٽئين هنگورجه ٽائون ڪاميٽي ۾ به گهٽ ناهي ٿي غلط پلاننگ سان ڪجهه ترقياتي ڪم پڻ ٿيا جن خلاف به ڇان بين ٿيڻ گهرجي   برحال مان جيڪڏهن هن ٽائون جي وڏي ۾ وڏي ڳوٺ گاد شريف جي ڳالهه ڪيان  فيض محمد ڀٽو ، دنڍي جي ، جانوري ، ڀٽه ڳوٺ گاد شريف جنهن جي آبادي به گهڻي آهي ۽ ڳوٺ به ڪيترائي لڳن ٿا جنهن ۾ سولنگي پليجه سهتا ، شيخ ، سيد اڪثريت ۾ رهن ٿا جن سدائين ووٽ به پاڪستان مسلم ليگ ف کي ڏنو آهي پر جيترو نظر انداز هي ڳوٺ ٿيو آهي شايد ڪو ٿيو هجي ڪنهن به پلاننگ سان ڪم ناهي ڪيو ويو . جنهن ڪري ڳوٺانان پسگردائي جي  ذاتين جن جو مان مٿي ذڪر ڪيو آهي ڪافي نقصان رسيو آهي ،  ان ۾ به ڪو سڪ انهي ته بين ٽائون جي مقابلي ۾ هن ٽائون هنگورجه ۾ ڪم ٿيا هوندا پر مان سمجهان ٿو ته ڪرپشن به ضرور ٿي هوندي ، جيڪڏهن انهن ٽائون جي نيب ، ايف آئي اي ، اينٽي ڪرپشن سميت ٻيا وسا وارا جڊيشنل انڪوائري ڪن ته مان دعوا سان چوان ٿو ته تعلقي سوڀوديرو ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي ، جنهن کي لڪائڻ جي ڪوشس ڪئي آهي ، برحال مان عرض ڪيان ته مجموعي صورت حال سڄي ملڪ يج هڪ جهڙي اهي پر  ضلعي خيرپور سميت تعلقي سوڀديرو جي ٽائون ڪاميٽيز سميت يونين ڪائونسلز ۾ به ڪرپشن جو ڪارو نانگ عوام کي ڏنگي رهيو آهي ، جڏهن ته ادارن کي ڏن درخواستن جي جواب جي ڪا خاص نه صحافين کي خبر آهي نه ڪالم نگارن کي خبر آهي پر باخبر ذريعا گهڻو ڪجهه ٻڌائي رهيا آهن ته ڇا ڇا ٿي رهيو آهي جن جن کي سياسي آشيروارڊ حاصل آهي  ان کي خير سان ڪو خاص هٿ ناهي پيو ، مان  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي قابل احترام چيف جسٽس صاحب ، نيب ڊي جي قابل احترام رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال صاحب ، ڊي جي ايف آئي اي منهنجو فيوريٽ آفيسر سائين ثناء الله عباسي سميت اينٽي ڪرپشن جي چيف کي به عرض ڪندس ته جتي وڏين مڇين کي پڪڙي فوري پريس رليز هلائي وڃي ٿي تاڪه عوام تائين رسائي پهچي ننڊن شهرن ڏانهن به  رخ ڪندا ، ، سوشل ميڊيا هجي ، پرنٽ ميڊيا هجي يا هن وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي يا ماضي ۾ ٽائون ملازمن ڪائونسلرن سميت شهرين سماجي اڳواڻن  احتجاج پڻ رڪارڊ تي موجود آهن ،  جن جن به ڪرپشن ڪئي آهي  انهن کي صهافين سماجي رهنمائن وائکو ڪيو آهي ، بس هڪ اميد رکون ٿا ته جن جن به ڪرپشن ڪئي آهي   نيب چيئرمين صاحب جي ان جملي ته جنهن به ڪرپشن ڪئي آهي انهن کي مضبوپط لوهي هٿن سان  پڪڙي  قانون جي گرفت ۾ آڻينداسين  ، عوام ان اميد تي قائم آهي ته لٽيل دولت ، سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪندڙن کي پڪڙي اهي زمينون پن واپس ڪرايون وينديون جيئن جمهوريت جي انهن  سياستدانن جن سدائين راڳ ڳائي عوام کي لٽيو آهي وڌيڪ نه لٽي سگهن مان عرض ڪيان ته تعلقي سوڀوديرو ۾ به  هن وقت تائين اربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي جتي جيڪڏهن پيوئر روڊ هنيو ويو ته سر ٻه نمبر نه ٽي نمبر نڪتي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو روڊ رستا ناليون ڊرينيج ٺهي آهي ته اتي به ٻه نمبر ڪم ٿيو آهي ، جنهن خلاف به قانوني ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ، عوام پرزور مطالبي سان گڏ اپيل استدعا پيو ڪري ته هنن ننڊن شهرن راڻيپور ، سوڀوديرو ، هنگورجه ، گاد شريف  ۾ ٿيل ڪرپشن لاء جي آئي ٽي جوڙي صاف شفاف انڪوائري ڪري جيئن ڪرپشن ڪندڙن کي پڪڙي عوام جي عدالت سميت قانون کي منهن ڏيڻو پوي.     zawarshah110@yahoo.com                   

پهنجو تبصرو موڪليو