“وڃي ڀونءِ پيٺي”، عبدالقادر جوڻيجو مٽيءَ ماءُ حوالي

نئون ڪوٽ (پيار علي نهڙيو) سنڌي ۽ اردو زبان جي ناليواري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو کي سندس اباڻي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجو ۾ هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ هوالي ڪيو ويو. عبدالقادر جوڻيجو  1945 ۾ ڄائو هو ۽ ڪجهه عرصي کان بيمار هو. هو 75 سالن جي ڄمار ۾ ڄامشورو ۾ سومر تي فوت ٿيو هو جنهن بعد اڱاري تي سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ آڻي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. عبدالقادر جوڻيجو جي جنازي نمازي نماز مقامي معزز شخصيتن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين به شرڪت ڪئي.

جنهان جوڻيجو ۾ عبدالقادر جوڻيجو جي تدفين

هو ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ هو. هن کي شهرت پي ٽي وي جي لاءِ لکيل شاهڪار ڊرامن، پرندا، ديوارين، ڇوٽي سي دنيا ۽ ڌول مان ملي. هو 1965 ۾ پرائمري استاد ڀرتي ٿيو ۽ 1972 ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر بڻيو. هو بعد م سنڌيالاجي ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چيئرمين به رهيو. هن کي صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي 2008 ۽ لطيف ايوارڊ 2016 ۾ مليو هو. مرحوم جو تڏو اباڻي ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا ۾ وڇايو ويو آهي جتي سندس پٽ نصير جوڻيجو سندس ڀائيٽا عبدالرحمان جوڻيجو ۽ امان الله جوڻيجو تعزيتون وصول ڪري رهيا آهن. ڪورونا جي ڪري آخري رسمون محدود نموني ادا ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو