ويگن ۽ ڪوچ ۾ ٽڪر، ٻاهه لڳڻ سبب 5 فوت ڪيترائي زخمي

حب(م ڊ) بلوچستان جي علائقي ناڪا کاڙي ۾ وين ۽ مسافر ڪوچ ۾ ٽڪر بعد ٻنهي گاڏين کي باهه لڳڻ سبب 5 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، ڪيترائي ٻيا سڙي زخمي ٿي پيا، باهه تيز هئڻ ڪري امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيايون پيش آيون. ٻڌايو پيو وڃي ته باهه سبب مسافر ڪوچ مڪمل طور سڙي تباهه ٿي وئي، عيني شاهدن موجب حادثي بعد باهه لڳڻ ڪري گاڏين ۾ سوار ماڻهن ۾ رڙيون پئجي ويون، ڊي سي لسٻيلو واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته امدادي ڪاررواين سان گڏ باهه وسائڻ جون ڪوشش جاري آهن پر باهه جي شدت تيز هئڻ ڪري ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو