ويگن ۽ ڊمپر ۾ ٽڪر 7 زخمي، پوليس پاران ڊرائيور آزاد

ميرپور ماٿيلو(ظھير وسير) ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ويگن ۽ ڊمپر ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو ، جنهن جي نتيجي ۾ سجاد ، عائشه، مائي ڪنيز،  نديم، نادر سهيل، ثريا سميت 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. جڏهن ته زخمين کي ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، هوڏانهن ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، هوڏانهن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، ٻئي پاسي ميرپور ماٿيلو پوليس مال وٺي ڊرائيور کي ڇڏي ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو