ويوو جو 50 ميگا پڪسل ڪيمرا ۽ آءِ ايس پي چپ وارو فون

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)ويوو نئين فليگ شپ ايڪس 70 سيريز جي نئون ماڊل جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. دنيا ۾ سڀ کان پهرين ان جي نمائش چين ۾ ڪئي ويندي. ويوو جي نائب صدر ۽ سِي اِي اَو او هوبائشيان تصديق ڪئي آهي ته ايڪس 70 سيريز ۾ ڪمپني پهريون ڀيرون آءِ ايس پي چپ وي 1 کي استعمال ڪيو آهي. جيڪا ڪسٽمائز سرڪٽ چپ آهي، اها اميجنگ ۽ وڊيو ايپس لاءِ هوندي. ڪمپني موجب ان چپ جي تياري تي لڳ ڀڳ 2 سالن کان ڪم ڪيو پيو وڃي پر ان بابت وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا ويا. ويوو جي ايڪس 70 سيريز کي 9 سيپٽمبر تي سڀ کان پهريان چين متعارف ڪرايو ويندو. مختلف ليڪس موجب اها سيريز ايڪس 70، ايڪس 70 پرو ۽ ايڪس 70 پرو پلس تي ٻڌل هوندي جن ۾ 2K E5 ڊسپلي ڏني ويندي. ويوو ايڪس 70 پرو پلس جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ هوندو جنهن ۾ مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي هوندي جنهن سان گڏ 48 ميگا پڪسل، 12 ميگا پڪسل ۽ 8 ميگا پڪسل ڪيمرائون موجود هونديون. ان ڪيمرا سيٽ اپ ۾ 5 ايڪس آپٽيڪل زوم جي سهولت موجود هوندي جڏهن ته 8Kوڊيو رڪارڊنگ ڪري سگھبي. فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل ڪيمرا هوندي جڏهن ته 4430 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني ويندي. ويوو ايڪس 70 ۽ ايڪس 70 پرو ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 1200 پراسيسر موجود هوندو. ايڪس 70 ۾ 6.5 انچ جي فليٽ اموليڊ ڊسپلي جڏهن ته پرو ماڊل ۾ 6.56 انچ جي ڊسپلي ڏني ويندي. ويوو ايڪس 70 پرو پلس ۾ 6.7 انچ جي وڏي ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ هوندي جڏهن ته ڪوالڪوم جي سنيپ ڊريگون 888 سان ليس هوندي.ويوو طرفان عالمي سطح تي ايڪس 70 سيريز جا فونز 10 سيپٽمبر تي متعارف ڪرايا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو