ويندڙ سال جون مايوسيون ۽ نئين سال جون اميدون

ليکڪ گلشن سنڌو

هر گذرندڙ سال مايوس ٿيڻ  بجاء, الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جنهن هيءُ پورو سال اسان کي زنده سلامت رکيو ۽ اسان کي نئون سال ڏسڻ نصيب ٿيو. 2021 به ڪڏهن خوشي, ڪڏهن مايوسي ته ڪڏهن وري ابدي وڇوڙن جا درد ڏيئي اسان کان موڪلائي ٿو. نئون سال به هميشه اسان کي هنج پکيء وانگر خوبصورت لڳندو آهي ڇوته اسان ان جي ايندڙ لمحن کان واقف نه هوندا آهيون آهستي آهستي هر سال خوشي ,غم ۽ وڇوڙن جي ميلاپ سان گذري ويندو آهي. نئون سال به محض انگ اکر بدلجڻ جو هڪ اشارو آهي نه ته حال ۽ حالتون ته بدلجڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن ائين ئي سال گذريا آهن ڪنهن اڻپوري خواب وانگر سڀ خواب دربدر ٿيندي محسوس ٿيندا آهن سالن کان جهونپڙ ن وارا جهونپڙن ۾ ئي رهن ٿا ۽ محلن وارا محلن ۾ عيش و عشرت واري زندگي گذارين پيا صرف سال جي ڳڻپ شماري ٿيندي آهي پر مسئلن جو ڪو شمار ئي ڪونهي ڄڻ ته مسافر ڪنهن ڀٽڪيل ماڻهوء وانگر ڌُڪي تي منزل جا راهي هجن پر هميشه وانگر دنيا اميد تي قائم آهي جو فلسفو به جاري آهي  تنهن ڪري هن نئين سال ۾ به چڱائيء جي اميد رکجي.

2022 جو اڀرندڙ سج سلامتيء جا سوين سنيها کڻي ,اميدن جا ڪيترا ئي منظر کڻي اکين جي ڪاپارن ۾ سمائجي هڪ نئين جذبي, جوش سان  وجود کي ڄڻ ته جلا بخشيندي جيئڻ جا نوان گس, نئين راهون,  روشن ڪندي خواهشن جا نوان گونچ ڦُٽائي رهيو آهي هڪ آس, اميد ڪنهن روشن ڪرڻي جيان سفر ڪندي مستقبل کي نوان روپ بخشي رهي آهي. 

اسان جا ته حال , هڪ سج ٻه پاڇا وانگر آهن پر اسان جي سنڌ ۽ هن ملڪ جا حالات هميشه کان اڻانگهين راهن جا راهي آهن سنڌي قوم  سان وري ٻيائي وارو سلوڪ اڃان به جاري و ساري آهي 2021 ۾ به خودڪشين جو رجحان وڌيل رهيو مهانگائي به ٽاپ تي رهي جنهن غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، مايوسين جا ڪارا ڪڪر به حاوي رهيا, پر ڊسمبر جي آخري برسات سڀ ڏک, غم , ڌوئيندي هڪ نئين اميد لاء اتساهيو. 

اسان هر سال گذريل سال جي به نسبت سٺي کان سٺو گذارڻ چاهيندا آهيون ,بهتر کان بهتر جي تلاش ۾ هوندا آهيو اندر  منجھ نئين جستجو هوندي آهي ته ڪڏهن سک, شانتي ۽ امن جا خواب ساڀيا ٿيندا ۽ آسپاس خوشين جا منظر نظر ايندا هر سال وجود جي ڪا , ڪُوڪ ڪوئل کي جاڳائيندي منزل کي پڪاريندي محسوس ٿيندي آهي. 

سال 2022 دعا آهي ته سڀن لاء سک, سلامتي ۽ ملڪ لاء امن خوشحاليء جو سال هجي مهانگائي ختم ٿئي جيئن عوام به سک جو ساه کڻي سنڌ سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ختم ٿئي هر طرف خوشگوار, خوشين وارو ماحول هجي. آمين.

پهنجو تبصرو موڪليو