ويم دوران ماءُ ۽ ٻار فوت، عطائي تي غفلت جو الزام

مبارڪپور (ن سنڌ يار )ڳوٺ حاجي ميھار شر جي رھواسڻ 23 ورھين جي مسمات شائسته زال افضل شر ڊليوري دوران فوت ٿي وئي، وارثن پاران عطائي ڊاڪٽرياڻي رخسانه سومرو تي غفلت جو الزام لڳائيندي ٻڌايو ته اسان ويم جي سورن دوران عورت کي مبارڪپور جي ڀرواري شھر ميان جو ڳوٺ پنھنجي گھر کي اسپتال بڻائي گھر اندر ڊليوري ڪرائيندڙ عطائي ڊاڪٽرياڻي ڏانھن کڻائي وياسين جتي عورت کي ٿيلهيون لڳائي ويم ڪرايو ويو، عورت پٽ کي جنم ڏنو. هنن الزام هنيو ته دوائن جي رد عمل سبب ٻار فوت ٿي ويو، ۽ ڪجهه دير بعد لڳايل ٿيلھين جي ري ايڪشن سبب عورت جي طبيعت پڻ خراب ٿي وئي جنھن کي جيڪب آباد جي نجي اسپتال کڻائي وياسين، پر ھو ڪجهه گھڙين بعد فوت ٿي وئي، مليل ڄاڻ موجب عطائي ڊاڪٽرياڻي رخسانا سومرو بي ايڇ يو مبارڪپور ۾ پي پي ايڇ آءِ طرفان سينيئر مڊوائف طور ڪم ڪندي آھي، جڏھن ته پي پي ايڇ آءِ پاران ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ اھو شرط آھي ته اھي پرائيويٽ طور اسپتال نه ٿا کولي سگھن، جنھن موجب ھو پنھنجي اداري جي اصولن جي خلاف ورزي ڪندي پرائيويٽ ڪلينڪ کولي آھي، ذريعن موجب ته جيڪي غريب عورتون اسپتال ۾ علاج لاءِ اچن ٿيون ته انھن کي پنھنجي نجي ڪلينڪ تي اچڻ لاءِ زور ڀريندي آھي ۽ انڪار ڪندڙ عورتن سان بدتميزي ڪندي علاج ڪرڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيندي آهي، عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته انھيءَ قاتل عطائي ڊاڪٽرياڻي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو