ويسٽ انڊيز پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

ڪنگسٽن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي بيٽنگ ناڪام، ويسٽ انڊيز ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ هڪ وڪيٽ تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي. 19 سالن جي جَيدن  سِيلز پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. هن پهرين اننگ ۾ 70 رنز ڏئي 3 ۽ ٻئي اننگ ۾ 55 رنز ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون ۽ ٻن بالن تي 13 رنز به اسڪور ڪيون.پهرين اننگ ۾ پاڪستان 217 رنز تي ڍير ٿي وئي هئي ۽ ويسٽ انڊيز 253 رنز ٺاهي 36 رنز جي ليڊ ڏني هئي. ٻئي اننگ ۾ پاڪستان 203 رنز تي آئوٽ ٿي وئي، بابر 55، عابد علي 34 ۽ رضوان 30 رنز ٺاهي سگهيا. ويسٽ انڊيز کي 168 رنز جو تارگٽ ڏنو. ويسٽ انڊيز جا 3 رانديگر 16 رنز جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي چڪا هئا پر جرمين بليڪ ذميواري سان بيٽنگ ڪندي 55 رنز ٺاهي ٽيم کي سهارو ڏنو. 151 جي مجموعي اسڪور تي ويسٽ انڊيز جا 9 رانديگر آئوٽ هئا. کيماروچ ۽ جيڊن ذميواري ساسن بيٽنگ ڪندي گهربل 17 رنز ٺاهي ميچ کٽير ورتي. شاهين آفريدي 4، حسن علي 3 ۽ فهيم اشرف 2 وڪيٽون ورتيون پر ميچ نه کٽائي سگهيا. ٻيو ٽيسٽ ميچ 20 آگسٽ تي ڪنگسٽن ۾ ئي کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو