ويسٽ انديز جون 2 رانديگرياڻيون ميچ دوران بيهوش

انٽيگا (ويب ديسڪ) ويسٽ انديز جي شهر انٽيگا ۾ کيڏي ويل ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ گرمي سبب ميزابن ٽيم جون 2 رانديگرياڻيون بيهوش ٿي ڪري پيون. جن کي طبي امداد ڏئي اسپتال منتقل ڪيو ويو. شينل هنري ۽ شيڊن نيشن گرمي سبب بيهوش ٿيون جن جي هاڻي حالت بهتر آهي. ميچ جاري رکي وئي ۽ ڊڪ ورٿ لوئس سسٽم موجب ميچ جو فيصلوڪيو ويو جنهن موجب ميزبان ٽيم 7 رنز تان ميچ کٽي ورتي. ٽن ميچز جي سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي ٻن جي ڀيٽ ۾ ٻڙي جي برتري حاصل آهي. ٽيون ۽ آخري ميچ سڀاڻي کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو