ووٽ پي پي جا وڌيڪ ۽ سيٽون پي ٽي آءِ جون؟ بلاول

گلگت(ويب ڊيسڪ) اهو معجزو سمجهه ۾ نه آيو ته گلگت بلتستان ۾ ووٽ سڀ کان وڌيڪ پيپلز پارٽي کنيا پر سيٽون تحريڪ انصاف کڻي وئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جو اليڪشن سيل بڻيل آهي، جي بي اي 21 ۾ پولنگ باڪس چوري ٿيا، عورتن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو، اسان کي سرڪاري نتيجن جو انتظار آهي، اسان جو احتجاج جاري رهندو. ياد رهي ته بلاول کي اسلام آباد جي عين وقت تي ٽڪيٽ ڪينسل ڪرائي ۽ گلگت ۾ ترسي پيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس اهم شخصيت فون ڪئي جنهن بعد هن ايئن ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو