ووٽن جي خريداري ۽ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو

ليکڪ  جاويد احمد چانڊيو

لاهور جي تڪ اين اي 133۾ ٿيندڙ5ڊسمبر تي  ضمني اليڪشن جون تياريون عروج تي پهتل آهن،پاڪستان مسلم ليگ( ن) پ پ لاهور جي ضمني اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ وڏا جتن ڪري رهيوآهن،لاهورجو تڪ133 جنهن ڪل ووٽ 4لک لڳ ڀڳ داخل آهن،لياقت آباد،ڪوٽ لکپت،گرين ٽائون،ٽائون شپ،مريم ڪالوني،ستاره ڪالوني،فريد ڪالوني، چونگي امرسندهو،باگڙيا،پنڊي راجپوتانا، اسماعيل نگر،ايڪسيٽينشن علائقا شامل آهن، پاڪستان مسلم ليگ( ن) جي نامزد اميدوارشائستا پرويزملڪ ۽ پ پ جو نامزدٿيل اميدواراسلم گل آهن،ٻين پارٽين ۽ڪجهه آزاد اميدوار به پنهنجي قسمت آزمائي رهيا آهن،لاهور جي تڪ اين اي 133،تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حامين جي وڏي اڪثريت موجود آهي،پاڪستان  مسلم ليگ( ن) جي ڪامياب اميدوارايم اين اي محمد پرويزملڪ جي لاڏاڻي کان پوءِ 2مهينن جي وقفي ٿيڻ بعد ضمني چونڊ ٿي رهي آهي،اڳوڻوايم اين اي مرحوم محمد پرويز ملڪ ميان محمد نواز شريف جي اعتماد وفادارساٿين ۾ شمارٿئي ٿو، مرحوم محمد پرويز ملڪ پنهنجي تڪ ۾ سماجي فلاحي ڪمن ۾ تمام گهڻو مقبول هو،لاهورجي ضمني چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارجمشيد اقبال چيما جا ڪاغذات قانوني گهرجون پوريون نه ٿيڻ ڪري رد ٿي ويا،پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار مظبوط سياسي اثررخ رکندڙهو،مقابلي جي صورت ۾ ڪاميابي جا به وڏا امڪان موجود هئا، تحريڪ انصاف هارائڻ جي صورت ۾ مقابلو سخت ڪري ها، فرق گهڻو نه ٿئي ها،تحريڪ انصاف وڏي تياري ڪري ورتي هئي، تحريڪ انصاف لاهور ۾ ٿيندڙضمني اليڪشن آئوٽ ٿي وئي۽ٻين سياسي مذهبي پارٽين لاءِ رستو صا ف ٿي ويوآهي،لاهور ۾ ٿيندڙضمني اليڪشن پ پ ۽ پاڪستان مسلم ليگ( ن )لاءِ وڏو امتحان بڻيل آهي،نوازليگ جي پوري ڪوشش آهي ته ضمني اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي تحريڪ انصاف کي سياسي ڌچڪو ڏجي، پ پ پاڻ کي ملگير مقبول جماعت بڻجڻ لاءِ لاهور ۾ ٿيندڙضمني اليڪشن پنهنجي نالي تي سيٽ ڪرڻ لاءِ تن من قربان ڪري ڇڏيو آهي،پ پ محدود بڻجي چڪي آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو واري پ پ ۽ هاڻوڪي پ پ جي پاليسن ۾ زمين آسمان جيترو فرق آهي،هن وقت پ پ ۾ پ پ جي سچن قرباني ڏيندڙجيل ڪوڙا برداشت ڪندڙنظرياتي سينئرورڪرن کي مڪمل طور نظرنداز ڪيو ويوآهي،پ پ ۾ آڱرين ڳڻڻ جيترن من پسندي ماڻهن جي هلي ٿي،نواب ،سردار ڀوتارپ پ جو تاج بڻيل آهن،عوام جي مسئلن تي پ پ فوڪس نه ڪري سگهي آهي،پ پ ۾ مخصوص لابي نوازيل آهي، پ پ پاڪستان مسلم ليگ( ن) لاهور ۾ ٿيندڙ ضمني اليڪشن لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي،پ پ پنهنجي اميدوارچوڌري اسلم گل جي ڪاميابي سان سمجهي ٿي ته اهو تاثر ختم ٿي ويندوته پ پ جو وجود سنڌ ۾ آهي، پ پ پنجاب ۾ وڃايل سياسي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مان اسپيشل جيالن جو گروپ لاهور ۾ پ پ جي اميدوار چوڌري اسلم گل کي ڪامياب ڪرڻ لاءِاڻ ٿڪ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن،پ پ ليڊيزونگ جي اڳواڻ سينيٽرپلوشا خان،سيد شهلارضا به پ پ جي ڪاميابي لاءِ ورڪ ڪرڻ ۾ مصروف آهن، پاڪستان جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ جي سموري مرڪزي قيادت لاهور ۾ ٿيندڙ ضمني اليڪشن ۾  پ پ کي ڪاميابي لاءِ وڏي دلچسپي وٺي رهيا آهن، پاڪستان مسلم ليگ( ن) پ پ جي اميدوارن تي ووٽ خريد ڪرڻ جا الزام آهن،وڊيووائرل ٿيڻ سان ڏٺو ويو آهي ته وو ووٽرن کي پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي ووٽ ڏيڻ جو پابند ڪيو ويوآهي، ووٽرن کي ڪيش جي صورت ۾ 5000هزار۽ 2000ڏيندي ڏيکاريوويو آهي،ڏوڪڙوٺندڙن ۾ مرد ۽عورتون شامل آهن،اهو به معلوم ٿيو آهي ته پ پ پاڪستان مسلم ليگ ن ضمني اليڪشن ۾ اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڏي رقم خرچ ڪري هيا آهن، پ پ پاڪستان مسلم ليگ (ن) اميدوارن جي ڏوڪڙن تي ووٽ خريد جون خبرون سوشل ميڊيا تي معاملواچڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان حرڪت ۾ اچي وئي آهي،پ پ نواز ليگ کي نوٽيس ملي چڪا آهن، معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي،حڪومتي ترجمان فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پ پ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو لاهور ۾ ٿيندڙضمني اليڪشن ۾ ووٽ خريد ڪرڻ سان اصل مڪروهه چهرو ظاهر ٿي ويو آهي،پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان عوام جو وڏو مقبول ليڊرآهي،پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ گيرجماعت آهي، پ پ نوازليگ علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن،عوام پ پ ۽ نوازليگ جي ڪرپشن ڪردار کان خوب واقف آهي، ووٽن جي خريد ڪرڻ ڪريل حرڪت آهي، ملڪ جون سمورين سياسي مذهبي قومرست سول سوسائٽي وطن دوست ڌرين ووٽ خريد ڪرڻ جي معاملي جي مذمت ڪرڻ گهرجي،صاف شفاف هر قسم جي ڌاڌلين کان پاڪ اليڪشن جو هجڻ ضروري آهي،ووٽ خريد ڪرڻ وارين ڌرين کي سخت سزا ملڻ گهرجي معاملو نظرانداز ٿيو ته لاهور جي ضمني اليڪشن مشڪوڪ بڻجي ويندي عوام جو ادارن تي اعتماد ختم ٿي ويندو،اليڪشن عام ،بلدياتي يا ضمني هميشه تڪراري صورتحال جا خراب نتيجا نڪتا آهن، اليڪشن ۾ ٽيڪنيڪل ڌانڌلين، ٺپا مافياڪلچر،دهشت گردي، اليڪشن عملي کي اسلحي جي زور تي يرغمال ڪري من پسندي نتيجا حاصل ڪرڻ،ووٽرن کي پوليس جي ذريعي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ،ڪارڪنن کي بيگناهه گرفتار ڪرائڻ، سياسي بليڪ ميلنگ ۽ ووٽن جي خريد فروخت، ڪمزور سياسي مخالفين تي قاتلانا حملا ڪرائڻ، خون خرابا هرقسم جو فساد اليڪشن ۾ ٿيندو رهي ته اهو هڪ وڏو سواليا نشان پڻ آهي،لاهور ۾ ٿيندڙضمني اليڪشن جو مسئلوته ضرورآهي،مٿي ذڪر ڪيل مسئلا عام آهن، اهو سلسلو هلندڙآهي،ماضي ۾ هر آيل اقتدارڌرين اليڪشن ۾ ٿيندڙ خراب صورتحال کي نظرانداز ڪيو آهي،اليڪشن ڪميشن تي به مختلف قسمن جا الزام لڳندا رهياآهن،لاهورجي ضمني اليڪشن ۾ پ پ پاڪستان مسلم ليگ( ن ) هڪ ٻئي تي ووٽن جي خريد جا الزامن تي ڪيترائي شڪ جنم وٺن ٿا،اهڙي صورتحال هر محب وطن شعوررکندڙشهري لاءِ تڪليف ڏيندڙآهي،ووٽن جي خريداري به ڌانڌلين جو بترين مثال آهي، ڌانڌلين جي رستا روڪ نه ٿيڻ اصل حقيقي جمهوريت جو قتل آهي، نام نهاد اميدوار نوٽن جي طاقت سان ڪامياب ٿي ويو ته ان کي غدار وطن سڏجي ته به غلط نه ٿيندو،نوٽن وسيلي سان ڪامياب ٿيندڙ اميدوارعوام جو ڪڏهن دوست همدرد ٿي نه ٿو سگهي،عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي اميد ختم ويندي، ڏوڪڙن جي زور تي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙاميدوارعوام جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ ڪرپشن ڪرڻ جو ماسٽرمائيڊ بڻجي عوام دشمن ڪرداراداڪري ترقي خوشحالي جي رڪاوٽ بڻبو، لاهور۾ ٿيندڙ5 ڊسمبر تي ضمني اليڪشن ۾ اليڪشن ڪميشن اڻ ڌريوصاف شفاف ڪردار ادا ڪري، گذريل اليڪشن ۾ اين اي 133 تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارچوڌري اعجازهو، جيڪو پي ٽي آئي پنجاب جو صدر۽ هن وقت سينيٽرپڻ آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن)پ پ کي ملڪ ۽ قوم جي مفاد خاطرووٽن خريد ٿيڻ جي معاملي نيڪ نيت سان نظر ثاني ڪرڻ گهرجي، حڪومت اليڪشن ڪميشن هرقسم جي اليڪشن ۾ عملي ڪردارادا ڪرڻ سان خرابي جي جڙختم ڪري سگهي ٿو.(هي ليکڪ جي پنهنجي راءِ آهي ڪو به پنهنجو موقف پيش ڪري سگهي ٿو، ضروري ناهي ته مضمون جي اشاعت ان سان اداري جو اتفاق راءِ هجي)

پهنجو تبصرو موڪليو