ووٽنگ مشين بابت اليڪشن ڪميشن جا اعتراض رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اليڪشن ڪميشن جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اعتراضن کي هڪ طرفو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي هڪ گڏجاڻي ٿي. سينيٽ جي پارلياماني ڪميٽي ۾، اليڪشن ڪميشن جو موقف هو ته اي وي ايم ذريعي آئين مطابق آزاد ، شفاف ۽ معتبر چونڊون نٿيون ٿي سگهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزارت اليڪشن ڪميشن جي اعتراضن کي هڪ طرفو قرار ڏنو آهي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل ٽيم  بريفنگ ڏيڻ کان سواءِ مشين تي اعتراض اٿاريا ويا. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ڌانڌلي ڪندڙن لاءِ خراب خبر آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جا مخالف نٿا چاهين ته چونڊون شفاف ٿين پر ٽيڪنالاجي جي مدد سان چونڊون ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 37 اعتراض داخل ڪيا آهن جن مان 27 اعتراضن جو ٽيڪنالاجي سان ڪوبه تعلق ناهي، 27 نقطا اليڪشن ڪميشن جي لاجسٽڪ معاملن سان لاڳاپيل آهن جڏهن ته 10 نقطا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان لاڳاپيل آهن، اسين کين مطمئن ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن چيو هو ته مشين سان ڌانڌلي نٿي روڪي سگهجي ۽ ان ۾ ٽيمپرنگ جو خدشو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو