ونڊوز 7 تي هلندڙ ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ اپڊيٽ کان محروم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا اندر وڏي تعداد ۾ ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ کي آپريٽنگ سسٽم فراهم ڪندڙ آمريڪي ملٽي نيشنل ڪمپني مائيڪرو سافٽ دنيا اندر موجود ونڊوز 7 آپريٽنگ سسٽم جي اپڊيٽ جي فراهمي ختم ڪئي وئي آهي. مائيڪرو سافٽ طرفان ونڊوز 7 جي اپڊيٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪروڙِن ڪمپيوٽر 14 جنوري 2020 کان ونڊوز 7 ڪنهن به اپ ڊيٽ کان محروم ٿي ويا آهن. مائڪرو سافٽ هڪ سال اڳ اعلان ڪيو هو ته جنوري 2020 کان ونڊو 7 جي اپڊيٽ واري فراهمي معطل ڪئي ويندي. سڄي دنيا ۾ هن وقت 32 فيصد ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ ونڊوز 7 تي ڪم ڪري رهيا آهن يعني دنيا جي هر ٽن ڪمپيوٽرن مان هڪ ڪمپيوٽر تي ڄاڻايل آپريٽنگ سسٽم موجود آهي. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين مطابق مائيڪرو سافٽ ونڊو 7 ذريعي ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ هلائيندڙ ماڻهن کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو 14 جنوري کان پوءِ پنهنجي سسٽم ۾ ڪمپني جي معروف آپريٽنگ سسٽم ونڊوز 10 انسٽال ڪن. ڪمپني مطابق ونڊوز 10 کي 139 آمريڪي ڊالر عيوض خريد ڪري سگهجي ٿو ۽ ان آپريٽنگ سسٽم جي اپڊيٽ جي فراهمي جاري رهندي. مائيڪرو سافٽ صارفين کي مشورو ڏنو آهي ته جيڪڏهن ان وٽ ٽن سالن کان پراڻو ڪمپيوٽر آهي ته پوءِ هو ونڊوز 10 وارو نئون ڪمپيوٽر خريد ڪن. ڪمپني اهو به واضح ڪيو آهي ته جيتوڻيڪ 14 جنوري 2020 کان ونڊوز 7 جي اپڊيٽ جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي پر ڄاڻايل آپريٽنگ سسٽم تي هلندڙ ڪمپيوٽر ۾ ليپ ٽاپ ڪم ڪندا رهندا. ياد رهي ته ونڊوز 7 جي اپڊيٽ ڪمپني طرفان مفت فراهم ڪئي وئي ۽ ونڊوز 10 جي اپڊيٽ به مفت فراهم ٿيندي پر پهريون ڀيرو آپريٽنگ سسٽم کي پئسن تي خريد ڪرڻو پوندو. ونڊوز 7 کي ڪمپني 2009 ۾ متعارف ڪرايو هو ۽ هاڻي 11 سالن کان پوءِ ڄاڻايل آپريٽنگ سسٽم تي اپڊيٽ کي بند ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو