وفاق 170 ارب گهٽ ڏنا آهن، جلد ڀرپور تحريڪ هلندي، وزيراعليٰ

ڀان سعيدآباد( ن س) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي فنڊز ۾ ڪٽوتي ڪئي آهي ۽ سنڌ کي 170 ارب رپيا گهٽ ڏنا ويا آهن. هن چيو ته آئون دعا ٿو ڪريان ته وفاقي حڪومت وصولين ۾ ڪامياب ٿئي پر ائين ٿيندي نظر نه پيو اچي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال انتهائي خراب آهي، وفاقي حڪومت جي غريب دشمن پاليسين سبب ماڻهو اڃا وڌيڪ غريب ٿي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ غريب ماڻهن کي ممڪنه حد تائين رليف ڏيڻ جي ڪوشس ڪندي. هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته عيد کانپوءِ جلد آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي، جنهن ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار کي گهرجي ته مريم نواز کي پنهنجي والد نواز شريف سان ملاقات جي اجازت ڏي، اهڙو ظلم ته مارشل لا ۾ به نه ٿيندو هو جو قيدين سان پنهنجي مائٽن کي ملڻ جي اجازت نه ملي. پوليس ايڪٽ بابت سوال تي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ اسمبلي مان منظور ڪيل سنڌ پوليس ايڪٽ تي اعتراض ڪرڻ گورنر جو آئيني حق آهي، اسان ٻيهر اسيمبلي ۽ ڪابينا سان رجوع ڪنداسين .عيد بابت سوال تي هن چيو ته پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جو ملڪ ۾ سرڪاري طور ٻه عيدون ٿيون آهن، جنهن هي ته وفاقي ۽ ڪي پي ڪي حڪومتن ۾ اختلاف آهن جيڪو کلي سامهون آيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو