وفاق ۽ ارسا سنڌ دشمني تي لهي آيا آهن، مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا ۽ وفاقي سرڪار سنڌ سان دشمني تي لهي آيا آهن. پاڻي جي سنگين کوٽ سبب سنڌ جي شهرن ۾ به بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته ارسا ۽ وفاق پاڻي جي بندش سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪري، ارسا سنڌ جي عوام کي اُڃ مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو آهي ته آبادگارن سوڌو سنڌ جو عوام بحران ۾ ڌِڪجي رهيو آهي، ارسا هڪ طرفو فيصلا ڪندي رهي ته شهرن ۾ به پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويندو ۽ ڪراچي به پاڻي بحران جي وڪڙ ۾ اچي ويندو. وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ جي احتجاجن باوجود تڪراري ٽي پي ۽ سي جي ڪئنال مان پاڻي وهايو پيو وڃي، ارسا پاڻي جي بندش سبب سنڌ کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري ۽ 30 آگسٽ تائين کوٽ کي بئلينس ڪري پاڻي ڏنو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪري، هن وقت 10 سيڪڙو شارٽيج ملي آهي، ارسا کي اسان کي ڪمپنسيٽ ڪرڻو پوندو. وڏي وزير چيو آهي ته ڪينجهر تي 47.2 جو ليول آهي، ڪوٽڙي تي 36 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي، هڪ هفتي کانپوءِ اهو گهٽجي ويندو ۽ ڪينجهر کي به پاڻي گهٽ ملندو. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان شديد بحران کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جهلم ۽ تونسا ڪئنال ٻئي هلي رهيا آهن، مون کي ڪنهن صوبي کان نه پر ارسا سان سخت اعتراض ۽ احتجاج آهي. هن چيو آهي ته ڪنهن به صوبي کي اڃ نه ماريو وڃي، جيتري شارٽيج ٻين صوبن کي ملي اوتري ئي شارٽيج اسان کي به ملي، سمورن صوبن کي هڪ جيتري شارٽيج ملڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو