وفاق ٽن ۽ سنڌ 41 نالن جي صفائي ڪن پيا، ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت هلندڙ سال 20 مئي کان ڪراچي جي ننڍن وڏن برساتي نالن جي صفائي جو شروعات ڪري ڇڏي هئي. هاڻي تائين 72 لک ٽن ڪچرو لينڊ فل سائيٽس تي پهچايو ويو آهي تياريون مڪمل آهن پوري اميد آهي ته حالتون گذريل سال وانگر نه ٿينديون. اها ڳالهه صوبائي وزير پنھنجي ھڪ بيان ۾  ڪئي. هن چيو ته ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ ۽ ڪي ڊي اي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا متحرڪ آهن. برساتي نالن جا چوڪنگ پوائنٽس ڪليئر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪي ايم سي جي 44 وڏن نالن مان صرف ٽي نالا اين ڊي ايم اي صاف ڪري رهي آهي، جڏهن ته باقي 41  نالن جي صفائي تي سنڌ حڪومت ڪم ڪري رھي آھي.ان کان علاوه ڊي ايم سيز جي 500 کان وڌيڪ ننڍن ۽ وڏن نالن جي صفائي جو ڪم به سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي. هن چيو ته برساتي نالن جي صفائي ٽرانسپيرنٽ طريقي سان ٿئي پئي ۽ ٿرڊ پارٽي مانيٽرنگ  جو نظام جوڙيو ويو آهي ،جيستائين ڪچرو لينڊ فل سائيٽس تائين نه پهچندو ،ٺيڪيدارن کي ادائيگيون  نه ڪيون وينديون. مڪاني کاتي واري صوبائي وزير چيو ته ڪچرو پراپر طريقي سان لينڊ فل سائيڊ تي پهچايو پيو وڃي ۽ ڪچرو کڻندڙ گاڏيون استعمال ڪيون پيون وڃن. ته جيئن ڪچرو روڊن تي نه پکڙجي. صوبائي وزير چيو ته ڪچري مان اسان کي جان ڇڏرائڻي آهي. ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. جلد ئي بهتري ايندي .هن چيو ته سينٽرل ۽ ڪورنگي ضلعن ۾ چائنا ۽ اسپين جي ڪمپني سان معاهدو ٿي ويو آهي. هن چيو ته اڳ۾ ڪراچي جي ڪجهه ضلعن ۾ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ ڪم ڪري رهيو هو، هن چيو ته نهر خيام جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت ضروري قانون سازي کانپوءِ ايم او يو سائن ڪري شاهد عبدالله ۽ ان جي ٽيم جي حوالي ڪئي وئي آهي. پر ان ۾ ڪجهه رنڊڪون آهن جن کي  ختم ڪري جلد نهر خيام ۽ ڀرپاسي جي علائقي جي خوبصورتي تي ڪم  شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته بئريسٽر مرتضيٰ وهاب روڊن تي نظر اچي رهيو آهي ، ڪجهه ماڻهن عجيب لڳي ٿو ۽ انھن  کي لڳي ٿو ته ان کي ايڊمنسٽريٽر لڳايو پيو وڃي ايئن ناهي. اھو روٽين جو ڪم آھي. اھڙي صورتحال ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سعيد غني، وقار مهدي ۽ ڪابينا جا ٻيا ميمبر ڪراچي شھر جا دورا ڪندا رھيا آھن، اڄ وزير اعلیٰ سنڌ آمريڪا جو دورو مڪمل ڪري ڪراچي پھچي ويو آهي. سڀاڻي اھو به ڪراچي شھر جي رستن تي نڪرندو. ھن چيو ته ايڊمنسٽريٽر جي لاءِ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو آپشن گهڻي عرصي کان غور هيٺ آهي پر هن معاملي ۾ ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو. جيڪڏهن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ته اهو ڪراچي شهر جي لاءِ بهتر ٿيندو. هن چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ پورو پلان آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪمن تي مڪاني ادارن کي وڌيڪ اختيار ڏئي رهيا آهيون. جيڪي اسان تي الزام لڳائی رھيا آھن ۽   A-140 ۽ ٿرڊ ٽيئر جي ڳالهه ڪندڙن پنجاب ۾ مڪاني ادارن کي پنهنجو مدو بہ پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ ٻه سال پهرين ئي مڪاني ادارن کي ٽوڙي  ڇڏيو . صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته اھي صرف ڳالهيون ۽ الزام لڳائيندا آهن. انھن کي عوام جي مسئلن جي حل ۾ ڪابه دلچسپي ناھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو