وفاق مان برطرف ملازمن جو احتجاج، پوليس جي لٺ بازي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ وفاق طرفان مختلف کاتن مان برطرف ٿيل ملازمن جي احتجاج دوران چڪريون، پوليس جي لٺبازي سبب 4 ملازم زخمي ٿي پيا ۽ 2 ملازم بيهوش ٿي ويا. ڪراچي ۾ برطرف ملازمن طرفان سپريم ڪورٽ تائين مارچ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڦوهارا چوڪ تي روڪڻ دوران اهلڪارن ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون، مظاهرين ڦوهارا چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، آءِ بي، ايس ايس جي سي ۽ ايف آءِ اي سوڌو ٻين کاتن مان برطرف ٿيل ملازمن طرفان بحالي تائين تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ اسان کي بيگناھ برطرف ڪري ظلم ڪيو ويو آھي، ٻچن سوڌو بکون ڪاٽي رھيا آھيون، اسان کي بحال ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو