وفاق غلط پاليسين سبب بحران جو شڪار آهي؛ سليم مانڊي والا

خيرپور( محمد علي جانوري ) ڊپٽي اسپيڪر سنيٽ سليم مانڊي والا وساڻ هائوس خيرپور پهچي نواب علي وساڻ ۽ فدا حسين وساڻ سان امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي هميشه جي اها ڪوشش رهي آهي ته جمهوري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوريت جي بقا وسلامتي خاطر قربانيون ڏئي جمهوريت کي سرخرو ڪيو آهي پر وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب نٿو لڳي ته هو پنهنجو مدو پورو ڪندي ڇو ته متحده وفاق ۾ وزارت ڇڏي ڏني آهي ۽ اختر مينگل به وفاقي حڪومت جي پاليسين کان ناراض آهي، وفاقي حڪومت سوا سال ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي آهي جنهن جي رپورٽ به منظر عام تي اچي وئي آهي وفاقي حڪومت جي غلط فهمي آهي ته هن جي دور ۾ ڪرپشن ختم ٿي چڪي آهي ڪرپشن ختم ٿيڻ جي بجاءِ وڌي رهي آهي بلوچستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته وزير اعليٰ ۽ اسپيڪر هڪ ٻئي خلاف رٿيون جوڙين ۽ پنجاپ ۾ به وزير اعليٰ پنجاپ خلاف فارورڊ بلاڪ ٺهي چڪو آهي. وزير اعليٰ پنجاپ جي تبديل ٿيڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ان سڄي صورتحال کي ڏسندي وفاقي حڪومت شديد بحران جو شڪار آهي بجلي ۽ گئس جي قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، سنڌ صوبي کي گئس نٿي ملي جڏهن ته آئين ۾ لکيل آهي ته جنهن صوبي مان گئس پيدا ٿيندي هجي پهريون حق ان صوبي جو آهي جنهن جي ڪري سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جا نمائنده هن مسئلي تي آواز اٿاري رهيا آهن. سنڌ صوبي جي علائقي ٿر مان بجلي پيدا ٿي رهي آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٿر واسي بجلي لاءِ سڪي رهيا آهن ملڪ ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري رهيو آهي وفاقي حڪومت مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ايگريڪلچر جو ڍانچو مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت دور ۾ ايگريڪلچر جي نظام کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ آبادگارن کي رليف فراهم ڪيو جنهن سان آبادگارن تمام بهترين فائدا ورتا پر وفاقي حڪومت اهڙا قدم کڻڻ ۾ سنجيده ناهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو