وفاق سنڌ جي يونيورسٽين بجيٽ اڌ ڪري ڇڏي آهي، راهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽ)سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊز بابت صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو آهي ته جڏھن کان عمران خان آيو آھي تڏھن کان سنڌ جي يونيورسٽين جون معاشي حالتون خراب آھن. ڇو ته وفاقي حڪومت بجيٽ گهٽائي ڇڏي آهي. هن چيو ته ھائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ جي يونيورسٽين جي گرانٽ اڌ ڪري ڇڏي آھي، جنھن ڪري يونيورسٽيون شديد مالي بحران جو شڪار آھن. اسماعيل راھو چيو ته مھانگائي جي سونامي ۽ پگھارن ۾ اضافي سبب يونيورسٽين جا خرچ ڊبل ٿي چڪا آھن، وفاقي حڪومت گرانٽ ۾ واڌ ڪرڻ بجاءِ گھٽتائي ڪري يونيورسٽين لاءِ مالي بحران پيدا ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ تعليم جو معيار وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آھي، وفاق کي يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ اضافو ڪرڻ گھرجي ته جيئن پنھنجي پيرن تي بيھي سگھي. اسماعيل الزام هڻندي چيو ته سنڌ مان سمورا ٽيڪس وفاق حاصل ڪري ٿو پر ان جي بدلي سنڌ کي ڪجهه به نٿو ڏنو وڃي، نه اين ايف سي ايوارڊ آيو ۽ نه وري پراڻي ايوراڊ تحت سنڌ کي پيسا مليا، وفاق سنڌ جو پيسو ٻين صوبن تي پيو خرچ ڪري. هن وڌيڪ چيو ته وفاق کان سنڌ جي حصي جي مطابق ته رقم نه ملي پر جيڪي واعدا ڪيا ويا ان مطابق به ادا ئگيون نه ڪيون ويون آهن، عمران سرڪار سنڌ جي وسيلن، پاڻي تي ڌاڙوھڻي ويٺل آھي، سنڌ سان ٿيندڙزيادتين تي جي ڊي اي ۽ ايم ڪيوايم وارابه خاموش آھن. اسماعيل راھو چيو ته وفاق کان 3 سالن کان پيسا نه ملڻ سبب ڪيترائي منصوبه التوا جا شڪارآھن، سنڌ حڪومت يونيورسٽين ۽ بورڊز کي بحران مان ڪڍندي، بورڊز جون مالي مشڪلاتون جلد ختم ٿي وينديون. هن چيو ته سنڌ حڪومت 6 بلين گرانٽ رکي آھي جيڪايونيورسٽين کي ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو