وفاقي وزير غلط بياني کي وڙ بڻائي ڇڏيو آهي، امتياز شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته وفاقي وزيرن ڪوڙ ۽ غلط بياني کي پنهنجو وڙ بڻائي ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ گيس جي بحران کان وڌيڪ وفاقي وزيرن جي نااهلين ۽ ناڪامين جو بحران آهي، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن جا چلها ٿڌا ٿي چُڪا آهن، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري غريب ماڻهو تندور جي ماني وٺڻ جي سگهه نه ٿو رکي، خانگي بجلي ڪمپنين، صنعتي ۽ سي اين جي سيڪٽر کي گيس جي فراهمي روڪڻ سان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي چُڪا آهن. توانائي جي وفاقي وزير حماد اظهر جي بيان جي جواب ۾ توانائي جي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته تبديلي سرڪار جڏهن کان اقتدار ۾ آئي آهي، ملڪ لڳاتار شديد توانائي جي بحران جو شڪار آهي، وفاقي وزير ايل اين جي، جي خريداري ۽ گيس ٽرمينل جي باري ۾ قوم سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، مارچ ۽ اپريل جي مهيني ۾ نومبر ڊسمبر جي لاءِ سستي ايل اين جي دستياب هُئي، دير سان ٽينڊر ڪرڻ سبب ملڪي تاريخ جي مهانگي ترين ايل اين جي جا سودا ڪيا ويا، مهانگي ايل اين جي جا سودا ڪرڻ باوجود غير ملڪي ڪمپنيون آرڊر ڪينسل ڪري رهيون آهن. امتياز شيخ چيو آهي ته وفاقي وزير چون ٿا ته ملڪ ۾ 28 سيڪڙو گهريلو صارفين آهن، وزير موصوف پنهنجي بيان ۾ پاڻ پنهنجي ناڪامي جو اظهار ڪري رهيوآهي، جيڪڏهن 28 سيڪڙو ماڻهن جي ضرورت پوري نه ٿي ڪري سگهجي ته صارفين جي تعداد پنجاهه سيڪڙو هُجي ها ته ڇا ٿئي ها؟ امتياز شيخ چيو ته وفاقي وزير چون ٿا ته ملڪ ۾ گيس بحران ناهي، گهرج وڌي رهي آهي، منهنجو سوال آهي ته جيڪڏهن سياري ۾ گيس جي گهرج ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو ته گرمين ۾ لوڊشيڊنگ جو ڪهڙو جواز بڻجي ٿو؟ امتياز شيخ چيو ته وفاقي وزير پنهنجي نااهلين ۽ ناڪامين تي پردو وجهڻ لاءِ جيڪي جواز پيش ڪري رهيا آهن، اُهي قبولڻ جوڳا ناهن. امتياز شيخ چيو ته ايل اين جي سان گهريلو صارفين جو واسطو ناهي ته مهانگي ايل اين جي، جي خريداري جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته خانگي پاور ڪمپنين کي گيس جي بندش سان بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ واڌارو ٿي ويندو. امتياز شيخ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ قوم کي ايترن بحرانن جو ڪڏهن به منهن ناهي ڏسڻو پيو، جيترو تبديلي سرڪار جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. توانائي جي صوبائي وزير امتياز شيخ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز عوام دشمن قرار ڏيندي چيو آهي ته نيپرا بجلي جي وڌندڙ قيمتن کي فوري طور تي فريز ڪري، عوام ۾ بجلي جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ برداشت ڪرڻ جو سڪت ناهي، بجلي جي قيمت ۾ فوري واڌ جو فيصلو ظالماڻو قدم هوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو