وفاقي وزيرسنڌ اچي غلط بياني ڪن ٿا ۽ ڪوڙ ٿا هڻن، امتياز شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ وفاقي وزيرن جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وفاقي وزير سنڌ ۾ اچي ڪوڙ ٿا هڻن ۽ غلط بياني ڪن ٿا . هڪ طرف گيس جي لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان آهي، ٻئي طرف صنعتن ۽ سي اين جي، جي بندش سبب هزارين خاندان بک وگهي مري رهيا آهن. امتياز شيخ چيو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تائين اختيار ڏنا ويا آهن. حيرت آهي ته ڪراچي اسٽيڪ هولڊر ڪانفرنس ۾ گئس جي کوٽ بابت ڪنهن به نه ڳالهايو. هن چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف ڪو به ٺهراءُ پاس ناهي ڪيو ويو، ڪراچي جي حقن کان سنڌ نه پر وفاق انڪار پيو ڪري. پي ٽي آءِ جي اتحادي جماعت ڪراچي جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي همت ئي ناهي، اتحادي جماعتون عوام جي مسئلن ۽ پريشانين جي اوتري ئي ذميوار آهي جيتري  وفاقي حڪومت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو