وفاقي حڪومت ڪووڊ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، شرجيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ اسٽيل ملز جي ساڍا چار هزار ملازمن جي برطرفي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جا اعلان ڪندڙ ماڻهن جي وات مان گرهه کسي رهيا آهن. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ عوام ڪورونا وبا سبب پوريشان آهي پر موجوده وفاقي حڪومت ڪووڊ 19 کان وڌيڪ عوام لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت ڪهڙي منهن سان پڇي ٿي ته پي ڊي ايم ريليز نه ڪڍي؟ اسين هزارين ملازمن جي برطرفين تي ساڻن گڏ آهيون. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اڳ ۾ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته برطرف ملازمن کي پي پي حڪومت بحال ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو