وفاقي حڪومت پاران 80 هزار ملازمتون ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت گريڊ هڪ کان 16 هين جي هزارين پوسٽون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عالمي بئنڪ سان ڪيل معاهدي موجب هڪ سال يا ان کان وڌيڪ عرصي کان خالي پيل گريڊ هڪ کان 16 جون سمورن کاتن ۾ پوسٽون مستقل طور ختم ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزارت جي سيڪريٽري، اسٽيبلشمينٽ سيڪريٽري کي ريڪارڊ گڏ ڪري ان تي عمل ڪيو وڃي. ڊان اخبار جي خليق ڪياني جي رپورٽ موجب غيرضروري خرچ گهٽائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي خواهش ۽ عالمي بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن جي گڏيل صلاح سان رائيٽ سائيزنگ جي سلسلي ۾ ان پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت ۾ 6 لک 80 هزار منظور ٿيل پوسٽون آهن جن مان 80هزار کان مٿي پوسٽون سال کان خالي پيل آهن. ناڻي واري وزارت موجب پگهارن جو بل پوڻا 5 سو ارب روپيا آهي جڏهن ته پينشن جو بل 470 ارب روپيا آهي، جنهن ۾ فوج جي پينشن جو بل 370 ارب روپيا به شامل آهي. حيران ڪن ڳالهه اها آهي ته پوري وفاقي حڪومت جي پينشن جو بل صرف 100 ارب آهي هڪ اداري يعني فوج جو بل 370 ارب روپيا آهي.  عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته سپورٽ اسٽاف 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي. هڪ اندازي موجب هن وقت 80 سيڪڙو کان مٿي سپورٽ اسٽاف جون پوسٽون منظور ٿيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو