وفاقي حڪومت پاران لاڪ ڊائون ۽ ڪاروبار تان پابندي ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ملڪ مان ڪورونا وائرس سبب لڳايل سموريون پابنديون ۽ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان اسلام آباد ۾ رٿا بندي جي وفاقي وزير اسد عمر پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته 8 آگسٽ کان سياحتي مرڪز ۽ هوٽل، ريسٽورنٽ، تفريحي ماڳ، مزارون، سياحت سميت هر شعبي تان پابندي ختم ڪئي ويندي. جڏهن ته سينما، پارڪ وغيره 10 آگسٽ کان کوليا ويندا. هن طبي عملي کي خراج پيش ڪندي سندن خدمت واري جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته ڪاروبار کولڻ جو فيصلو اين سي سي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن ۾ 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادرارا به کوليا ويندا پر ان ڏس ۾ 7 سيپٽمر تي حتمي فيصلو ٿيندو. هن چيو ته حڪومت ۾ هڪ هفتي کان مشاورت هلندڙ هئي ۽ آخرڪار ڪاروبار کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو