وفاقي حڪومت سنڌ بابت روڊ ميپ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت سنڌ بابت روڊ ميپ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهڙي منظوري وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل خصوصي اجلاس ۾ ڏني وئي. وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اهم اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب سنڌ اسٽريٽجي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت سان صلاح مشورن بعد فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي ڀتي خورن، منشيات فروشن، ڏوهارين کان بچايو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جو پهريون ٽارگيٽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ رينجرز ، اينٽي نارڪوٽڪس فورس، ايف آءِ اي ۽ ڪسٽمز کي متحرڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب سنڌ ۾ مخصوص هنڌن تي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيا ويندا. چارئي وفاقي ادارا پڻ گڏيل طور تي پنهنجي منصوبابندي ڪندا ۽ سنڌ ۾ امن امان کي يقيني بڻايو ويندو. انهن معاملن جي حل لاءِ عام اطلاع ڏيڻ خاطر هيلپ لائن به قائم ٿيندي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان سان ڊاڪٽر صفدر عباسي، علي گوهر خان مهر ۽ غوث بخش خان مهر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو