وفاقي حڪومت جا ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن ۽ بلاول ڀٽو جو بهترين عمل : عبدالمجيد بروهي

پاڪستان جي هي پهرين وفاقي حڪومت آهي جنهن اچڻ سان ئي ڪو ڪم ڪرڻ بجاء پوري ڪابينا پاران اهو وچن ورجايو ويو آهي ته جيئن ته اسان کي پنهنجا ڪي به واعدا ناهن نڀائڻا صرف هام هڻڻ ۽ حڪومت جي وقت دوران مخالفن کي گھٽ وڌ ڳالهائي عوام کي وڌيڪ بيوقوف بڻائي حڪومت ڪري مزو وٺڻو آهي ان ڪري صرف عوام کي اهو چوڻو آهي ته اسان ڇا ڪيو هي سڀ ڪجھ ته اڳين حڪومتن جو ڪم آهي هتان جو عوام آهي ئي بيوقوف هو اسان جي ڳاليهن تي جيئن اڳ م يقين ڪري اسان کي حڪومت ۾ پهچايو اهي ائين ئي اسان جي هر ڪوڙ ۽ گار گند کي هو صحيح سمجھندا ۽ اسان خلاف روڊن تي نه نڪرندا اهو ائين چئي هن وقت وفاقي حڪومت جا وزير ۽ خود وزير اعظم انهن ڳالهين تي عمل ڪندي مخالفن مٿان هرو ڀرو تنقيد ڪري مخالف ڌر تي هر پنهنجي ناڪامي هڻڻ جي ڪوشش ۾ آهن پ پ پ جي چيئرمين سان ته هنن جو هاڻي سرد جنگ وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي اهو صرف ان جي ڪري ته پ پ پ چيئرمين هڪ اعلا تعليم يافتا ۽ هڪ سياسي خاندان سان وابسطاڌگي رکي ٿو هن جي رڳ رڳ ۾ سياست سمايل آهي هن جا سياسي استاد هن ملڪ جا عظيم عوامي سياسي اڳواڻ هئا انهن وانگر نه جيڪي ڪنهن امپائر جي اشاري تي يا ڪنهن آمر جي آشيرواد سان اقتدرا حاصل ڪري ويٺل آهن بلاول ڀٽو ان عظيم اڳواڻ جو نواسو آهي جنهن جي ناني انڊيا جي فوج اڳيان هٿيار ڦٽي ڪندڙ 93000 هزار فوجين کي آزاد ڪرايو هيو انهن ۾ جنرل نيازي انهن جو سربراهه هيو ۽ محترم وفاقي وزير خزانا جا وڏا به هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۾ شامل هئا انهن سڀني کي پ پ پ چيئر،مين بلاول ڀٽو جي ناني قيد مان آزاد ڪرايو هيو ٿورو ان تي به وفاقي حڪومت وارا ڌيان ڏين بلاول ڀٽو تي هي انڪري تنقيد ڪري رهيا آهن ڇو ته هن انگريزي ۾ تقرير ڪئي هئي هندستان جي بارڊر ڀرسان جلسو ڪرڻ وقت شايد اسان جي وزير اعظم صاحب کان اها ڳالهه وسري وئي هئي ته اسان سان هن وقت هندستان جنگ چاهي ٿو هندستاني فوج بارڊر تي اسان جي مٿان حملن ۾ پورو آهي جنهن سان اسان جا جوان وڏي ديدا دليري سان منهن ڏئي رهيا آهن مودي سرڪار جا سڀ ڇاڙتا کين جڏنهن به موقعو ملي ٿو اهي پاڪستان خالف ڳالها.يندا رهن ٿا پر هندستان ڀرسان جلسو ڪرڻ دوران وزير اظم صاحب کي ان مودي خلاف ڳالهائڻ جي همت ته نه ٿي پر هو ويچارو بلاول جي تقري ۾ ايترو ته الجھيل رهيو جو هن کان مودي ۽ هندستان وسري ويا هن کان اهو به وسري ويو ته هو هن وقت هندستان جي بارڊر جي بلڪل ڀرسان آهي ۽ انجي لائوڊ اسپيڪرن جو آواز به هندستان وارن کي ٻڌڻ ۾ ايندو هوندو پر نه سائين بلاول ڀٽو جي تقرير کان ايترا ته خوفزدا ٿي ويا آهن جو هو سڀ وساري بلاول ڀٽو تي تنقيد ڪرڻ ۾ لڳل آهن مان انهن کي اهو چوندس ته توهان پهريان بلاول ڀٽو جهڙا ٿي ته ڏيکاريو هي بلاول ڀٽو اهو شير آهي جنهن هميشا پنهنجي سچائي سان پاڪستان جي عوام جي لاء ڪم ڪرڻ پنهنجي عظيم ناني ۽ پنهنجي جيجل امڙ کان سکيو آهي بلاول ڀٽو هن وقت اهڙو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي جنهن تي اڄ پوري دنيا ۾ سندس جي تعريف ٿي رهي آهي بلاول ڀٽو تمام اختلاف وساري ڪالهه جڏنهن ڪوٽ لکت پت جيل ۾ ويو ته کيس هر ماڻهون سلام ڪرڻ لڳو بلاول ڀٽو کي سڀ خبر آهي ته هو ڪنهن سان ملڻ ويو هيو ان نواز شريف سان ملڻ ويو جنهن سندس جيجل ماء مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس جلاوطن ڪرايو ان نواز شريف سان ملڻ ويو جنهن سندس بهادر والد مرد مجاهد آصف علي زرداري مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کيس جيل ۾ بند ڪرايو هيو ان نواز شريف سان ملڻ ويو جنهن جي ڪري هو پنهنجي ٻالڪپڻ واري عمر پنهنجي ٻن معصوم ڀينرن سان گڏجي پنهنجي جيجل امڙ سان گڏجي پنهنجي والد سان جيل ۾ ملڻ ويندو هيو بلاول ڀٽو زرداري اڄ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو هڪ عظيم سياسي اڳواڻ سميت هڪ عظيم انسان پڻ آهي بلاول ڀٽو تمام اختلاف پاسي تي رکي ڪري جيل ۾ نواز شريف جي عيادت ڪرڻ صرف انسانيت ناتي ويو نه صرف اتي وڃي ان سان ملاقات ڪيائين پر اتي هن اهو به چيو ته ٽي ڀيرا ملڪ جوم وزير اعظم رهندڙ سان اهڙو سلوڪ ڪرڻ غير انساني عمل آهي نواز شريف کي علاج جي سهولت نه ڏيڻ بدترين انتقامي سياست آهي جنهن کي اسين هر گز قبول نه ڪنداسين بلاول ڀٽو پاران نواز شريف جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ۽ کيس سنڌ ۾ ااين سي اء وي ڊي دل جي بهترين اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جي آڇ پڻ ڪئي اها آهي انسانيت اهو ان کي چئبو آهي انسانيت باقي صرف گارگند ڪرڻ سان ڪير به وڏو سياستدان نه ٿو ٿي سگھي ان جي ڪري ئي نواز شريف جي پياري ڌي ميڊم مريم نواز اڄ بلاول ڀٽو کي دل سان دعا ڪري رهي آهي بلاول ۽ نواز جي ، ملاقات بعد جيڪو رد عمل وفاقي حڪومت پاران ڏنو پيو وڃي ان مان صاف ظاهر آهي ته اهي هاڻي کان ئي ڊڄڻ لڳا آهن حالنڪ اها ملاقات بلڪل غير سياسي هئي پر پوء هنن جا حوصلا طخا ٿي ويا آهن ۽ وفاقي حڪومت جا وزير ابتيون ڳالهيون ڪرڻ ۾ لڳي ويا آهن ياته اهي ان خوف ۾ آهن ته اگر ن ليگ ۽ پ پ پ جو پاڻ هڪ مضبوط اتحاد جڙي ويو ته پوء هنن جي حڪومت جا ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويندا ڇو ته ان اتحاد ۾ اين اين پي ايم ايم اي جي يو آء جماعت اسلامي بي اين پي مينگل سميت ق ليگ وارا ۽ ايم ڪيو ايم وارا به شامل ٿي سگھن ٿا اگر ائين ٿيو ته پي ٽي آء حڪومت خطري ۾ اچي سگھي ٿي هينئر به هڪ عالمي اداري جي سروي مطابق هن سال مهانگائي شرح ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آهي ۽ پاڪستان جو عوام ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو