ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ وفاقي پابنديون اڄ کان لاڳو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سڀاڻي اڱاري کان نيون ٽارگيٽيڊ پابنديون مڙهڻ جو اعلان ڪيو آھي. اين سي او سي جي سربراھھ اسد عمر ڪميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ۾ اهڙو اعلان ڪيو. هن چيوته وڌيڪ متاثر شھرن ۾ مارڪيٽون سڀاڻي کان فقط شام 8 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته مارڪيٽون هفتي ۾ ٻھ ڏينهن بند رهنديون، اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ريسٽورنٽ ۾ ان ڊور ڊائيننگ بھ بند ھوندي جڏھن تھ ھوم ڊليوري جي 24 ڪلاڪ اجازت هوندي. اسد عمر موجب نيون پابنديون 3 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين لاڳو رهنديون. ڪاروبار ھفتي ۾ ٻھ ڏينھن بند رھندو، موڪل ڪھڙي ڏينھن ڪرڻي آھي ان جو فيصلو صوبا ڪندا. اسد عمر چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ گنجائش 50 سيڪڙو هوندي ۽ آفيسن ۾ حاضري 50 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ريل گاڏين، بسن ۽ ڪوچز ۾ به گنجائش کان 50 سيڪڙو گهٽ مسافر سفر ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو