وفاقي بجٽ اڪثريت راءِ سان منظور، اپوزيشن جو احتجاج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت جمع تي وفاقي بجٽ قومي اسمبلي مان اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتي. اجلاس ڇنڇر جي خبح 11 وڳي تائين ملتوي، ضمني گرانٽ منظور ڪرايون وينديون. اپوزيشن جون ڪٽوتي واريون سموريون رٿون رد، ايوان ۾ مخالف ڌر جو گوڙ ۽ احتجاج، اڪثر ميمبر ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شريڪ ٿيا. شاهد خاقان عباسي چيو ته هي عوام دشمن بجٽ آهي جنهن کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا.  احسن اقبال چيو ته وزيراعظم ملڪ کي ڏيوالپ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي ڪنهن دشمن جي ضرورت ئي ناهي. هنن چيو ته وزيراعظم روز هيليڪاپٽر تي بني گالا ٿو وڃي ان جي رقم دفاعي پيداوار جي مد ۾ ڄاڻايل آهي.

روينيو جي وزير ميان حماد اظهر چيو ته اپوزيشن وارا غلط بياني ڪن ٿا، هي پهرين حڪومت آهي جنهن تاريخ ۾ سول حڪومت جا خرچ 5 سيڪڙو گهٽ ڪيا آهن. هن چيو ته ڪوڙن تي خدا جي لعنت اڌ سچ به ڪوڙ هوندو آهي، وزيراعظم هائوس جي خرچ ۾ 25 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي. هوڏانهن مسلم ليگ جي ميمبرن فنانس بل جو نالو تبديل ڪرڻ بابت ترميم پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو نالو آءِ ايم ايف اوبيڊنس بل رکو. ان کان اڳ حڪومت بجٽ منظور ڪرائڻ لاءِ تجويز پيش ڪئي ته وائس ووٽنگ ۾ ٻنهي ڌرين جو آواز ذري گهٽ هڪجيترو هو، جنهن بعد اپوزيشن جي درخواست تي اسپيڪر ھڻپ ڪرائي ته حڪومت جي حق ۾ 176 ووٽ ۽ اپوزيشن جي 146 ووٽ آيا. اصولي طور بجٽ منظور ٿي وئي پر فنانس بل جي شق وار منظوري جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو