وسندين تي والار نامنظور،بحريا ٽائون خلاف ماڻھن جو سمنڊ اُٿلي پيو

ڪراچي (شهزادو مستوئي) ملير جَي سنڌي وسندين تي والار نامنظور بحريا ٽائون انتظاميا جي زيادتين خلاف سنڌ هڪ آواز ٿي وئي بحريا ٽائون جي مک گيٽ آڏو ڌرڻي دوران عوام جو سمنڊ اُٿلي پيو، علائقو سنڌ تي والار نامنظور جَي نعرن سان گونجي اُٿيو سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي قومپرست ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين جا قافلا بحريه ٽائون جي گيٽ اڳيان پهچڻ جو سلسلو جاري، جلال محمود شاهه ۽ قادر مگسي قافلن سان گڏ ڌرڻي واري هنڌ پهچڻ بعد اسٽيج تي موجود  وڏي انگ ۾ ڪارڪنن جو بحريه ٽائون جَي گيٽ اڳيان سُپر هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽرئفڪ معطل ڌرڻي ۾ سنڌ جي سورمين جو به وڏو انگ شريڪ، مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي نعريبازي  بحريه ٽائون آڏو سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام، بحريه ٽائون ويندڙ سمورا رستا ڪنڊيدار تارون رکي سيل، پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي وئي آھي، جڏھن تھ سنڌ جي مختلف علائقن مان بحريه ٽائون آڏو ڌرڻي لاءِ نڪتل قافلن جي رستا روڪ، ملير، ٺٽو، بدين ۽ ڄامشورو سوڌو مختلف علائقن ۾ پوليس قافلن کي روڪي ورتو، ڪارڪنن جا ڌرڻا، بحريه ٽائون انتظاميا ۽ پوليس جي رستا روڪ خلاف نعريبازي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪارڪنن کي رستا روڪ جي صورت ۾ روڊ تي ئي ڌرڻو هڻن جِي هدايت، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ايس او پيز جي بهاني سان قافلن کي رستن تي روڪيو پيو وڃي، پوليس ۽ انتظاميا جتي به روڪي، ڪارڪن اُتي ڌرڻو هڻي ويهي رهن، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه طرفان به قافلن جي رستا روڪ جي مذمت ڪئي وئي، اياز لطيف پليجو بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ذوالفقار آباد کي سنڌ دشمن منصوبا قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪارڪنن کي ڌرڻي کان روڪيو ويو ته هر شهر ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويندي، سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڌرتي کي تين وال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو