وساڻ قتل ڪيس ۾ 3 جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)اي ايس آءِ بلاول وساڻ جو قتل ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي مشھور واپاري زاھد راجپوت، سندس پٽ سرفراز عرف فراز ۽ سيد ثقلين شاھ سميت 6 ڄڻن مٿان وسيم وساڻ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي فراز راجپوت کي 50 لک روپيه ڏنا هيا جيڪي واپس گهرڻ تي قتل ڪيو ويو ڪيس ۾ دهشتگردي ۽ قتل جا قلم لڳا ويا آهن ڪيس ۾ نامزد ٿيل فراز راڄپوت، زاهد راڄپوت، ثقلين شاهه گرفتار آهن جڏهن ته ٽي نامعلوم ماڻهو ڪيس ۾ڏنا ويا آهن ايس ايس پي خيرپور موجب قتل ۾ ملوث ٽنهي جوابدارن قتل جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو