وزيرستان آپريشن، 2 دهشتگرد مقاقبلي ۾ مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان مجر جنرل بابر اافتخار جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فروسز جي اتر وزيرستان جي علائقي زنگوتئي ۾ ڪليئرنس آپريشن جي دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ آفيسر۽ هڪ جوان به زخمي ٿي پيو آهي، فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته آپريشن علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا آهن، پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ آءِ اِي ڊِي ڌماڪن ۾ به ملوث هئا، ترجمان جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو هڪ آفيسر ۽ هڪ جوان زخمي ٿيو آهي، جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سيڪورٽي فورسز جي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ جوان شهيد ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو