چوڪي تي حملي ۾1 فوجي شهيد، 5 گوليون لڳل نامعلوم لاش هٿ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي ترجمان سومر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته اتر وزيرستان جي وادي شوال ۾ واقع فوجي چيڪ پوسٽ مڪي ڳڙهه تي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ فوجي جوان شهيد ٿي ويو. ترجمان موجب سيڪورٽي فورسز جوابي ڪاروائي ڪندي حمله آورن کي پسپا ڪري ڇڏيو. هوڏانهن اتر وزيرستان ۾ ڪالهه آچر تي پڻ فوجي ترجمان موجب هڪ ٻئي چيڪ پوسٽ خارقمر تي حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ 5 فجي اهلڪارن سميت 15 زخمي ٿيا هئا. مقامي ميڊيا موجب ان چوڪي کان ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي بويا جي علائقي مان هڪ برساتي نالي مان 5 سومر تي ڄڻن جا گوليون لڳل لاش هٿ آيا آهن، جن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. يار رهي ته آچر تي پشتون تحفظ موومينٽ وارن جلوس ڪڍي خارقمر پوسٽ وٽ ڌرڻو هنيو هو. جنهن بابت فوجي ترجمان چيو هو چوڪي تي حملو ڪيو ويو هو ۽ فائرنگ جي تبادلي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 5 اهلڪارن سميت 15 زخمي ٿيا هئا. پي ٽي ايم جي اڳواڻن چيو هو ته مظاهرين خالي هٿ هئا مٿن فوج فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿيا هئا. بلاول ڀٽو، مريم نواز، سردار اختر مينگل ۽ مولانا فضل الرحمان ان واقعي بابت افسوس ظاهر ڪندي چيو هو ته پرامن مظاهرو ڪرڻ سڀني جو حق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو